مخصوص سيٽون: آئين ۾ ترميم لاءِ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت گهربل

اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن پاڪستان قومي اسيمبلي جي مخصوص سيٽن جو تقريبن فيصلو ڪري ورتو، صرف سني اتحاد ڪائونسل  جي عورتن ۽ اقليتن جي مخصوص سيٽن جو فيصلو ناهي ڪيو ويو، جڏهن ته سني اتحاد ڪائونسل جي حصي ۾ ايندڙ 23 سيٽون ڪنهن ٻي جماعت کي الاٽ به ناهن ڪيون ويون، 23 سيٽن تي اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ماحول کي مٽائي سگهي ٿو، موجوده پارٽي پوزيشن جي لحاظ سان ڇهه جماعتي حڪمران اتحاد وٽ آئيني ترميم لاءِ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت نه آهي، جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن سني اتحاد ڪائونسل جي حصي ۾ ايندڙ سيٽون ٻين جماعتن ۾ ورهائي ڇڏي ٿي ته حڪمران جماعت کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ملي ويندي، قومي اسيمبلي ۾ هن وقت نواز ليگ 84 قومي سيٽون ۽ 24 مخصوص سيٽن سان 108 جي انگ تي بيٺل آهي ۽ سڀ کان وڏي جماعت آهي، پي ٽي آءِ حمايت يافته آزاد ميمبرن مان 81 سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل ٿيا هئا، جڏهن ته بئريسٽر گوهر سميت 8 پي ٽي آءِ حمايت يافته ميمبر سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت اختيار ناهي ڪئي، سني اتحاد ڪائونسل 81  قومي سيٽن سان گڏ ٻئي وڏي جماعت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.