اسلام آباد(م ڊ) شير افضل مروت چيو آهي ته صدر طور عارف علوي جي اها ڊيوٽي آهي ته اسيمبلي پوري آهي يا نه؟ اليڪشن ڪميشن سني اتحاد ڪائونسل جون سيٽون ڪنهن ٻئي کي نٿي ڏئي سگهي، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته چيف جسٽس اڄڪلهه اسان کان ناراض آهي، بهتر آهي ته اسان جي اعتراضن تي ڪو ٻيو سينئر جج ٻڌڻي ڪري، مخصوص سيٽون جيڪڏهن سني اتحاد ڪائونسل کي نٿيون ملن ته ڪنهن ٻئي کي به نٿيون ملي سگهن،هن چيو ته اليڪشن ڪميشن اڄ مخصوص سيٽن جي حوالي سان فيصلو جاري ڪندي،اسان کي مخصوص سيٽون نه ڏنيون ويون ته هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ وينداسين، مون کي شوڪاز نوٽيس ان ڪري ڏنو ويو ڇو ته منهنجو نالو اپوزيشن ليڊر طور سامهون آيو هو، عمرايوب مون کي اپوزيشن ليڊر بڻجڻ کان روڪڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيو