اسلام آباد(م ڊ) ن ليگ اڳواڻ عرفان صديقي چيو آهي ته ماضي ۾ صدر جو سياسي جماعتن سان تعلق رهيو پر ڪڏهن به آئين جي ڀڃڪڙي نه ڪئي وئي، مخصوص سيٽن بابت اليڪشن ڪميشن پنهنجي ڪم ۾ ڪوتاهي ڪري رهي آهي،هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان ته چاهيون ٿا ته پارليامينٽ قائم ٿئي، حڪومت ٺهي، صدر عارف علوي ڪڏهن به غيرجانبدار صدر جو ڪردار ادا نه ڪيو، سندس ٻن قدمن کي سپريم ڪورٽ غيرقانوني قرار ڏئي چڪي آهي،صدر عارف علوي جو دور اڳ ئي افسوسناڪ غيرجمهوري وارداتن سان ڀريو پيو آهي،قومي اسيمبلي جو اجلاس ته ٿيڻو ئي آهي، صدر علوي ويندي ويندي پنهنجي ڪيريئر تي وڌيڪ ڪارا داغ ڇو ٿو ملڻ چاهي،هن چيو ته آئين م 21 ڏينهن کانپوءِ اسيمبلي جو اجلاس ضرور گهرايو وڃي،اسان بي دلي سان حڪومت وٺي رهيا آهيون،سنگين چئلينج آهن، هر معاملي ۾ اتحادي اسان جي حمايت نٿا ڪري سگهن،اسان پ پ کان گارنٽي نٿا وٺي سگهون ته اها اسان تي تنقيد نه ڪندي،