عورت وزيراعليٰ جي توهين برداشت نه ڪنداسين: عظميٰ بخاري

لاهور (م ڊ) نواز ليگ پنجاب جي ترجمان عظميٰ بخاري چيو آهي ته اسان اپوزيشن سان گڏ هلنداسين پر جيڪڏهن عورت وزيرعليٰ جي  توهين ڪئي وئي ته برداشت نه ڪيوويندو، ميڊيا سان ڳالهائيندي عظميٰ بخاري چيو ته مريم نواز جا ٽي نامزدگي ڪاغذ پنجاب اسيمبلي ۾ جمع ڪرايا ويا آهن ۽ اڄ هوءَ وزيراعليٰ پنجاب بڻجي ويندي، هن چيو ته حافظ فرحت عباس غلط زبان استعمال ڪئي، احتياط ڪريو ۽ پنهنجي قد موجب ڪم ڪريو، عظميٰ بخاري چيو ته وزيراعليٰ پنجاب جي چونڊ جي موقعي تي غير پارلياماني حرڪت نه ڪرڻ ڏينداسين، 2018 ۾ ناوز ليگ وڏي جماعت هئي ۽ ان وقت اسان جي حڪومت ٺهڻ نه ڏني وئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.