لاهور(م ڊ)پنجاب جي حڪمران جو تاج ڪير پائيندو، فيصلو اڃ ٿيندو، پنجاب جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ٿي وئي آهي ۽ ٻئي عهدا مسلم ليگ ن وڏي اڪثريت سان حاصل ڪيا، پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ اڄ ٿيندي، مسلم ليگ ن پاران مريم نواز پنجاب جي وڏي وزير جي اميدوار هوندي،جڏهن ته سني اتحاد ڪائونسل پاران رانا آفتاب اميدوار آهي، سني اتحاد ڪائونسل پنجاب جي وڏي وزير جو اميدوار تبديل ڪيو آهي، ميان اسلم اقبال جي جڳهه تي هاڻي رانا آفتاب احمد خان کي وڏي وزير جو اميد وار بڻايو ويو آهي، موجوده سياسي صورتحال ۾ ميان اسلم اقبال جي صلاح مشوري سان پارٽي قيادت پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ لاءِ رانا آفتاب احمد کي نامزد ڪيو آهي.