مريم نواز کي مضبوط اپوزيشن جي مقابلي لاءِ ”طاقتور “ڌرين جي حمايت گهربل

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)مريم نواز پنجاب کي ڪيئن سنڀالي سگهندي، ان حوالي سان تجزئي نگارن جي راءِ ورهايل آهي،ڪيترائي ماهر اهو  سوال به پڇي رهيا آهن ته نئين هائبرڊ نطام ۾ مريم نواز کي ”عثمان بوزدار“ بڻجي حڪومت ڪرڻي پوندي؟ هن لاءِ پنجاب جي وڏ وزارت ڪا گلن جي سيج نه هوندي ڊي ڊبليو سان ڳالهائيندي تجزئي نگارجاويد فاروقي چيو ته مريم نواز خوش قسمت آهي ته کيس بيوروڪريسي ۾ ن ليگ جو وفادار گروپ هوندو، جيڪو کيس ڏکيائين مان ڪڍڻ ۾ مدد ڪندو. ان کان علاوه کيس نواز شريف جي رهنمائي ۽ گهري مشاورت به حاصل هوندي. پر مريم نواز هڪ سخت گير عورت آهي، جنهن کي پنهنجي مخالفن سان مفاهمت يا ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي گهڻي عادت ناهي. اهو رويو هن لاءِ  ڪڏهن به ختم نه ٿيندڙ ٽڪراءُ ۾ مبتلا ڪري سگهي ٿو،هن چيو ته مريم نواز جي ڪريڊٽ ۾ ڪجهه سياسي جدوجهد ۽ ڪجهه سياسي ڪاميابيون آهن. پر هن وٽ ڪو به اهم انتظامي تجربو نه آهي. شهباز شريف وانگر هو چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي سياست جو حصو نه هئي. کيس ڪاروباري دنيا ۾ به سرگرم نه ڏٺو ويو. مريم نواز کي پنهنجي ڪابينا ۾ راڻا ثناءُ الله ۽ نديم ڪامران جهڙن پراڻن ۽ تجربيڪار ليگي اڳواڻن جي حمايت حاصل نه هوندي. کيس سخت اپوزيشن کي منهن ڏيڻو پوندو. هن جي ڪاميابي يا ناڪامي جو دارومدار به ان ڳالهه تي هوندو ته هوءَ ڪهڙي قسم جي ماڻهن کي پنهنجي ڪابينا ۾ آڻي ٿي ۽ ڪهڙي قسم جي اعليٰ آفيسرن کي سرڪاري عهدن تي آڻي ٿي.سينيئر صحافي سجاد مير جو خيال آهي ته مريم نواز پنهنجي والد کي پاڪستان آڻڻ، هزارين شهرين کي سياسي جلسن ۾ راغب ڪرڻ، ووٽرن کي متحرڪ جي حوالي سان به ڪيتريون ئي وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. سندس موجب مريم نواز جي وڏي وزير ٿيڻ جو مطلب اهو به آهي ته نواز شريف جي ”سياسي ورثي جو حقيقي وارث“ هاڻي نواز شريف جو ”سياسي سرمايو“ هوندو.ٻئي طرف سينيئر تجزئي نگار حبيب اڪرم ڊي ڊبليو کي ٻڌايو ته مريم نواز جي حڪومت ”فارم 47“ تي بيٺي آهي، ان ڪري سندس اخلاقي ۽ سياسي ساک تمام گهٽ ٿيندي. سندس چوڻ هو ته مريم نواز پنهنجي طاقت سان ان عهدي تي نه پهتي پر کيس وڏي وزير جي عهدي تي آڻڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون ويون.حبيب اڪرم موجب ”انهن عنصرن ۾ اها حقيقت به شامل آهي ته مريم نواز وٽ اسيمبليءَ ۾ ڪافي سيٽون آهن پر عوام ۾ سندس مقبوليت گهڻي نه آهي“. ان ڪري کين مضبوط اپوزيشن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ طاقتور حلقن جي حمايت جي ضرورت پوندي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.