ڪراچي( م ڊ) ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته محترمه بينظير ڀٽو جي ڌيءَ آصفه ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 196 شهداد ڪوٽ مان ضمني چونڊن ۾ حصو وٺندي، بلاول ڀٽو زرداري پاران ٻن قومي تڪن تي ڪاميابي بعد قمبر شهدادڪوٽ واري سيٽ ڇڏڻ جي فيصلي بعد آصفه ڀٽو زرداري ان تڪ تان ضمني چونڊ ۾ حصو وٺندي، واضح رهي ته ماضي ۾ بينظير ڀٽو به ان ئي سيٽ تان چونڊ وڙهي چڪي آهي، جڏهن ته تازو ٿيل چونڊن ۾ آصفه ڀٽو پنهنجي ڀاءُ بلاول ڀٽو جي چونڊ مهم ۾ حصو ورتو هو. ۽ عملي سياست شروع ڪري ڇڏي، پر ضمني چونڊون کٽڻ بعد هوءَ باضابطه طور پارلياماني سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪري سگهي ٿي.