چونڊن بعد پي ٽي آءِ سان رابطو ڪيو پر انهن انڪار ڪيو: خورشيد شاهه

ڪراچي ( م ڊ ) پ پ جي سينئر مرڪزي اڳواڻ چونڊيل ايم اين اي سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته   چونڊن کان پوءِ جمهوريت خاطر پي ٽي آءِ سان رابطو ڪيو هو، پر هنن اسان گڏ حڪومت ٺاهڻ کان انڪار ڪيو هو، ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته  ن ليگ سان بغير ڪنهن به لالچ جي  معاهدو ڪيو آهي، وزيراعظم جو ووٽ به ڏينداسين، هن چيو ته  سينيٽ جي چيئرمين لاءِ يوسف رضا گيلاني  پ پ جو اميدوار هوندو، سندس چوڻ هو ته پ پ وٽ جمهوريت جي چاٻي آهي، جنهن کي اسان جمهوريت لاءِ استعمال ڪنداسين، خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته ڪي پي  ۾ اي اين پي ڪنهن خلاف احتجاج ڪري رهي آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ ته جي ڊي اي ڪڏهن به هڪ سيٽ کان مٿي ناهي کٽي  پي ٽي آءِ جي باني پاران آءِ ايم ايف کي خط لکڻ واري معاملي تي هن چيو ته پي ٽي آءِ باني جو خط لکڻ جو مطلب ملڪ جي اندر ٿيندڙ معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.