ڪي پي ۾ مخالف ڌر وڏي وزير لاءِ پنهنجو اميدوار آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪي پي ڪي( م ڊ) مخالف ڌر خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ پنهنجو اميدوار آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾  مسلم ليگ ن جي ٽڪيٽ تي عورتن جي سيٽ تي نامزد ڪيل اسيمبلي ميمبر صوبه شاهد چيو آهي ته مخالف ڌر گڏجي ڪري وڏي وزير لاءِ اميدوار آڻيندا، صوبه شاهد چيو ته اپوزيشن پارٽيون به اسيمبلي ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ اميدوار بيهارينديون، هن چيو  وڏي وزير، اسپيڪر ۽  ڊپٽي اسپيڪر جي نالن جو اعلان اجلاس کانپوءِ ڪيو ويندو.نئين چونڊيل اسيمبلي ميمبر صوبه شاهد جو چوڻ آهي ته اسيمبلي ۾ مسلم ليگ (ن) جا 9 نمائندا عوام ۽ صوبي جي حقن لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪندا، ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف علي امين گنڊاپور  کي وڏي وزير لاءِ اميدوار نامزد ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.