نئين چونڊيل وزيراعظم کي پهرين مارچ تي حلف کڻائڻ جو امڪان

اسلام آباد (م ڊ) نئون چونڊيل وزيراعظم پهرين مارچ تائين حلف کڻندو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايندڙ هفتي ملڪ جي وزيراعظم کي حلف / کڻائيندو. پاڪستان جي قومي اسيمبلي 28 يا 29 فيبروري تي وزير اعظم جي عهدي جي چونڊ ڪندي، اهڙي طرح پاڪستان جا 24 وزير اعظم پهرين مارچ 2024 تائين حلف کڻندا. حلف برداري ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير ، چيفس آف اسٽاف ڪميٽي چيئرمين جنرل ساحر شمشاد مرزا، ، چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل امجد خان نيازي ،پاڪ فضائيه جي سربراهه، ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر، نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ، اسلام آباد ۾ مقرر پرڏيهي سفيرن، هاءِ ڪمشنرن، اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن، سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججن، وفاقي وزيرن، سيڪريٽريز، اٽارني جنرل آف پاڪستان، آڊيٽر جنرل آف پاڪستان، پنجاب ۽ سنڌ جا وڏا وزير، صوبن جا گورنر ۽ ٻين معززين کي دعوت ڏني ويندي.امڪان آهي ته قومي اسيمبلي اربع/ خميس تي مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف کي قائد ايوان چونڊيندي. ان کان اڳ به شهباز شريف 11 اپريل 2022 تي قومي اسيمبليءَ ۾ اڪثريتي ووٽن سان ملڪ جو 23 هون وزيراعظم چونڊجي ويوهو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.