شازيا مري ۽ نفيسا شاهه قومي اسيمبلي جي مخصوص سيٽن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

ڪراچي( رپورٽر) پيپلز پارٽي جي اڳواڻن شازيه مري ۽ نفيسه شاهه قومي اسيمبلي جي مخصوص سيٽن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي،عام چونڊن  ۾ ڪاميابي بعد شازيه مري ۽ نفيسه شاهه قومي اسيمبلي جي مخصوص سيٽن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.اين اي 202 خيرپور تان سيده نفيسه شاهه جڏهن ته اين اي 209 سانگهڙ تان شازيه مري ڪامياب ٿي.نفيسه شاهه اڳوڻي وڏي وزير سيد غوث علي شاهه کي شڪست ڏني جڏهن ته شازيه عطا مري گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) جي محمد خان جوڻيجو کي شڪست ڏني هئي.اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شرميلا فاروقي ۽ سحر ڪامران قومي اسيمبلي جي ميمبر چونڊجي ويا آهن.ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي 297 تان آزاد اميدوار خضر حسين مزاري جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.