اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ ڇهين جماعتي اتحاد کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ناهي.تفصيل موجب ميمبر پارٽين جي نمائندن پاران شيئر ڪيل انگن اکرن موجب تازو ئي قائم ٿيل 6 جماعتي اتحاد کي ايندڙ حڪومت ٺاهڻ لاءِ ايندڙ قومي اسيمبلي ۾ 207 ميمبرن جي واضح اڪثريت حاصل هوندي.ان اتحاد ۾ پاڪستان مسلم ليگ نواز ،پاڪستان پيپلز پارٽي ، متحده قومي موومينٽ پاڪستان ، استحڪام پاڪستان پارٽي ، پاڪستان مسلم ليگ قائد، ۽ بلوچستان عوامي پارٽي شامل آهن. ن اتحاد کي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جا آئيني عهدا به آساني سان ملندا. اتحاد جي اجتماعي طاقت قومي اسيمبلي ۾ واضح اڪثريت بڻائيندي آهي، پر پارليامينٽ جي هيٺين ايوان ۾ گهربل ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت کان گهٽ آهي،جنهن کي هيٺين ايوان ۾ اٽڪل 224 ايم اين ايز جي حمايت گهربل آهي،336 ميمبرن جي ايوان ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ 169 ووٽ جادوئي انگ آهن ۽ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت لاءِ لڳ ڀڳ 224 ووٽ گهربل آهن. عورتن لاءِ 20 ۽ اقليتن لاءِ 4 مخصوص سيٽون شامل ڪرڻ کانپوءِ مسلم ليگ ن 108 ميمبرن سان گڏ سڀ کان وڏي پارلياماني پارٽي بڻجي سامهون آئي آهي.مسلم ليگ (ن) جا 75 ميمبر قومي اسيمبليءَ ۾ چونڊجي آيا ۽ 9 آزاد ميمبرن جي شامل ٿيڻ کانپوءِ انهن جو انگ وڌي 84 ٿي ويو. عورتن لاءِ 20 مخصوص سيٽون ۽ اقليتن لاءِ 4 مخصوص سيٽون مختص ڪرڻ کان پوءِ ايوان ۾ ڪل 108 ٿي ويو آهي.پيپلز پارٽي جا 54 چونڊيل ميمبر آهن ۽ عورتن جي 12 ۽ اقليتن لاءِ 2 مخصوص سيٽن جي اضافي کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ ان جي ميمبرن جو ڪل تعداد 68 ٿي ويو آهي.مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي جي ايم اين ايز جو ڪل انگ 176 آهي، جيڪو حڪومت ٺاهڻ لاءِ گهربل 169 کان وڌيڪ آهي.عام چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم جا 17 ميمبر چونڊيا ويا ۽ عورتن جي 4 ۽ اقليتن لاءِ هڪ مخصوص سيٽن جي اضافي سان قومي اسيمبلي ۾ ان جي ميمبرن جو ڪل تعداد 22 ٿي ويو.مسلم ليگ (ق) جا ٽي ميمبر چونڊيا ويا ۽ هڪ آزاد شامل ٿيو ۽ عورتن جي هڪ مخصوص سيٽ جي اضافي سان قومي اسيمبليءَ ۾ ان جي تعداد پنج ٿي وئي.آءِ پي پي قومي اسيمبليءَ جا ٽي ميمبر چونڊيا آهن. 2024ع جي عام چونڊن ۾ چونڊجي ويندڙ 99 آزاد اميدوارن مان 81 پي ٽي آءِ جي حمايت يافته سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل ٿي ويا آهن، جڏهن ته 8 آزاد اميدوارن ڪنهن به پارٽي ۾ شامل نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ قومي اسيمبلي ۾ آزاد اميدوارن جي حيثيت حاصل ڪئي آهي.جميعت علماءِ اسلام فضل (جي يو آءِ ايف) جا 6 ميمبر چونڊجي ويا ۽ کين عورتن لاءِ 2 مخصوص سيٽون الاٽ ڪيون ويون، جنهن کانپوءِ قومي اسيمبليءَ ۾ سندس ڪل تعداد 8 ٿي ويو.مجلس وحدت مسلمين پاڪستان، بلوچستان عوامي پارٽي، بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پي)، نيشنل پارٽي، پختونخوا ملي عوامي پارٽي ۽ مسلم ليگ ضياءَ کي قومي اسيمبلي ۾ هڪ هڪ سيٽ ملي.