لاهور(م ڊ) لاهور ۾ مذهبي جنونين هڪ عورت کي عربي لفظ پرنٽ هئڻ جي ڪري هراسان ڪيو ويو ۽ توهين مذهب جو الزام هڻي گهيرو ڪري قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، متاثر عورت کي مذهبي جنونين جي گهيري مان هڪ بهادر ايس ڊي پي او گلبرگ لاهور اي ايس پي شهربانو نقوي حفاظت سان ڪڍيو جنهن تي سوشل ميڊيا تي شهربانو نقوي جي ان عمل جي ساراهه ڪئي پئي وڃي، شهيد بينظير ڀٽو جي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري کيس بهادر عورت قرار ڏنو،آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور اعلان ڪيو ته شهربانو نقوي کي بي مثال جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪرڻ تي قائد اعظم پوليس ميڊل سان نوازڻ لاءِ حڪومت کي سفارش موڪلي رهيا آهيون،جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد خان لکيو ته لاهور ۾ توهين مذهب جي الزام ۾ هڪ عورت کي بدترين هراسان ڪرڻ تي ڏک ۽ افسوس ٿيو،الله جو شڪر آهي ته عورت پوليس آفيسر معاملو حڪمت ۽ بهادري سان سنڀاليو،ان عورت پوليس آفيسر جي جرئت ۽ بهادري کي سلام،خرم نالي صارف لکيو ته ان عورت کي تحريڪ لبيڪ پڪڙي ورتو ته توهان جي ڪپڙن تي قرآني آيتون لکيل آهن، سرتاج احمد لکيو ته عربي لفظ ”حلوه جي معنيٰ خوبصورت آهي،جڏهن ته پاڪستان علما ڪائونسل جي چيئرمين حافظ طاهر اشرفي لاهور ۾ عورت کي لباس تي عربي لفظ پرنٽ هئڻ جي ڪري هراسان ڪرڻ جي سخت مذمت ڪئي آهي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته لاهور واقعي جي سخت مذمت ڪريون ٿا ان موقعي تي اڇره پوليس جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، پر عورت کان معافي وٺرائڻ بناجواز هو، معافي هراسان ڪرڻ وارن کي گهرڻ گهرجي،ٽوئيٽر صارف شمع جوڻيجو لکيو ته پوليس کي انهن مولوين کي پڪڙي ڪٽڪو ڏيڻ گهرجي ها، ڪهڙي آيت لکيل هئي؟ ان ويچاري عورت کان معافي وٺرائي وئي،اينڪر اقرار الحسن لکيو ٻن مولوين جي وچ ۾ هراسيل عورت جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته ڪو ٻڌائي سگهي ٿو ته ان عورت ڪهڙي ڏوهه جي معافي گهري آهي؟صحافي عمران شفقت لکيو ته انهن جانورن کي ڪو لغام ڏيڻ وارو ناهي، عباس ناصر لکيو ته اي ايس پي شهربانو کي سليوٽ ڪريون ٿا