ڏهاڪن کان پلجندڙ ڪاوڙ عوام 8 فيبروري تي ڪڍي ظاهر ڪئي

اسلام آباد(م ڊ) سينئر صحافي ۽ تجزئي نگار نصرت جاويد چيو آهي ته ملڪي معاملا استحڪام ڏانھن نھ پيا وڃن،ڇڪتاڻ وڌي پئي،اشرافيا جي جوڙيل معاشي ماڊل ۾ عوام کي آن بورڊ نٿو ورتو وڃي.آراوز جون تصويرون لڳائي انھن جي گھرن جي ايڊريس سوشل ميڊيا تي ڏيڻ ڪري ٽوئيٽر(ايڪس) بند ڪيو ويو،هن چيو ته ڏھاڪن کان عوام اندر اشرافيا خلاف پلجندڙ ڪاوڙ 8 فيبروري تي نڪتي آھي.پي ٽي آءِ تھ رڳو ان جو عڪس آھي.ھي حڪومت جلد ئي سوشل ميڊيا بابت قانون جوڙي ھن وقت جي حاصل آزاديءَ بھ ختم ڪري ڇڏيندي. ھن جو چوڻ ھو تھ وڏي آبادي ۽ محدود وسيلن وارو ملڪ آھي.اشرافيا عوام کي ڪيڙا ماڪوڙا سمجھي ٿي. ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) بند ھجڻ جي ڪا وضاحت نھ ڏني وئي.سوشل ميڊيا تي اليڪشن ڪرائيندڙ آراوز جي ڊيٽا رکي وئي،جنھن جو مطلب اھو ئي ھو انھن کي نھ بخشيو وڃي.ايتري  غلط استعمال ٿيڻ بعد ھاڻي مون سميت ڪو بھ ان جو دفاع نھ ڪري سگھندو.ھاڻوڪي حڪومت ان لاءِ زبان بندي ڪرڻ  ڪندي ۽ قانون جوڙيندي،جنھن سان مڪمل ڪنٽرول ڪيو ويندو.8فيبروري تي عوام ڏھاڪن کان ان ڪاوڙ جو اظھار ڪيو آھي جيڪا انھن جي اندر ۾ پلجي رھي ھئي.ڇاڪاڻ جو حقيقت ۾ مھانگائي ماڻھن جو خراب حال ڪري ڇڏيو آھي،ٿورو کن مطمئن رهندڙ وچولو طبقو بھ پريشان آھي.ان ڪري بي يقيني واري ڪيفيت وڌندي،هن چيو ته ماڻھن کي ڪاوڙ جي اظھار جي لاءِ پي ٽي آءِ،ھڪ چينل مليو ھو. باقي انھن جي اشرافيا خلاف باھ ھئي جيڪا نڪتي.اھڙي صورت ۾ ھر بغاوت وڻندي آھي.اھا اصل ۾ انارڪي ۽ مايوسي واري ڪيفيت جو اظھار آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.