پيپلزپارٽي جو اويس قادر شاهه سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر ۽ انٿوني نويد ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويا

ڪراچي( رپورٽر) پيپلزپارٽي جو اويس قادر شاهه سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر ۽ انٿوني نويد ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويا ،ٻنهي ميمبرن حلف  کڻڻ بعد منصب به سنڀالي ورتو آهي، اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڳجهي راءِ شماري ذريعي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ڪئي وئي،چونڊ عمل ۾ 147 ميمبرن حصو ورتو،  سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر جي چونڊ دوران سيد اويس قادر شاهه 111 ووٽ کڻي  اسپيڪر چونڊجي ويو،جڏهن ته سندس مقابلي ۾ بيٺل ايم ڪيو ايم اميدوار صوفيا سعيد شاهه کي 36 ووٽ مليا،ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ۾ انٿوني نويد به 111 ووٽ کڻي سنڌ اسيمبلي جو پهريون عيسائي ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويو، جڏهن ته ايم ڪيو ايم اميدوار راشد خان کي 36 ووٽ مليا.جڏهن ته گذريل ڏينهن حلف کڻندڙ پي ٽي آءِ حمايتي يافته 9 ميمبرن ۽ جماعت اسلامي جي هڪ ميمبر حصو نه ورتو، اويس قادر شاهه کي ڪامياب ٿيڻ تي آغا سراج دراني اسپيڪر طور حلف کڻايو، ان موقعي تي اويس قادر شاهه چيو ته ڪاميابي تي الله تعاليٰ جو ٿورائتو آهيان، پيپلزپارٽي کي ڪامياب ڪرائڻ تي عوام جا به ٿورائتا آهيون. هن چيو ته عهدي لاءِ نامزد ڪرڻ تي پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو، آصف زرداري، فريال ٽالپر جو ٿورائتو آهيان. اويس قادر شاهه چيو ته سکر مان پهريون ڀيرو اسيمبلي جو اسپيڪر بڻيو آهي، سنڌ اسيمبلي ئي هئي، جنهن پاڪستان ٺاهڻ لاءِ ٺهراءُ پاس ڪيو هو. سيد اويس قادر شاهه چيو ته هو غير جانبدار رهي ڪم ڪندو، سمورن ميمبرن کي پاڻ سان گڏ کڻي هلندو، ماضي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، ان کي وساري اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.