اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ،اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ پارٽي جي ٻين سينيئر اڳواڻن جي جيل وڃڻ کانپوءِ تازن ڏينهن پارٽي ۾ قيادت جو بحران وڌيڪ واضح ٿي ويو آهي.گذريل سال ڊسمبر ۾ جڏهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي انٽرا پارٽي اليڪشن ٿي هئي ته عمران خان اليڪشن ۾ حصو نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو هو.هاڻي پي ٽي آءِ 3 مارچ تي ٻيهر انٽرا پارٽي اليڪشن ڪرائڻ واري آهي پر هن ڀيري عمران خان بئريسٽر گوهر جي بدران سينيٽر، سندس وڪيل ۽ پارٽي اڳواڻ بئريسٽر علي ظفر کي پارٽي چيئرمين جو اميدوار نامزد ڪيو آهي.پر هاڻ لڳي ٿو ته بئريسٽر علي ظفر اها ذميواري کڻڻ لاءِ تيار ناهي.جيو نيوز سان ڳالهائيندي بئريسٽر علي ظفر چيو آهي ته منهنجي نامزدگي جي ڳالهه تمام جلد سامهون اچي وئي آهي، منهنجي نظر ۾ بئريسٽر گوهر اڳ به سٺو ڪردار ادا ڪري رهيو هو،کيس اها ذميواري کڻڻ گهرجي.ٻئي طرف جيو نيوز سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت جو چوڻ هو ته چونڊ نتيجن ۾ ڌانڌلي تي پي ٽي آءِ قيادت جي ردعمل تي ڪارڪن سخت ناراض آهن، خان صاحب کي به ان جي خبر هئي.هن چيو ته شايد علي ظفر کي اڳتي آڻڻ ۾ خان صاحب جي سوچ هئي ته قيادت جي تبديلي سان ڪارڪردگي بهتر بڻائي سگهجي ٿي.شير افضل مروت جو بيان ۽ بئريسٽر علي ظفر اهو تاثر پيدا ڪري رهيا آهن ته پي ٽي آءِ پارٽي چيئرمين شپ تي ورهايل آهي.ان حوالي سان اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ زلفي بخاري بي بي سي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.هن چيو ته ’عمران خان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته پارٽي جي اڳواڻي ڪير ڪندو، پر اسان کي عقلمنديءَ سان ڪم ڪرڻو پوندو ته ڪنهن اهڙي شخص کي چونڊيو، جنهن جي نه رڳو عمران خان پر پارٽي تائين پهچ هجي.هن چيو ته في الحال اهو نٿو لڳي ته سياسي اڳواڻن کي ويجهي مستقبل ۾ عمران خان تائين پهچ ڏني ويندي.بئريسٽر علي ظفر طرفان پارٽي چيئرمين جو عهدو سنڀالڻ کان لاچاري ظاهر ڪرڻ واري معاملي تي زلفي بخاري چيو ته بئريسٽر علي ظفر هڪ ئي وقت ڪيترا ڪم ڪري سگهن ٿا؟ هو سينيٽر آهي ۽ ساڳئي وقت عمران خان جا ڪيترائي ڪيس ڏسي رهيو آهي ۽ جيل ۾ ساڻس ملاقات به ڪندو رهيو آهي. هن تي ڪيترو بار رکڻ گهرجي؟بئريسٽر علي ظفر جي نامزدگي تي ڳالهائيندي تجزيه نگار ضيغم خان چيو ته جيل ۾ هجڻ سبب عمران خان وٽ تمام محدود معلومات آهي، جنهن جي بنياد تي هو فيصلا ڪري رهيو آهي،هن کي حاصل ڪيل معلومات جو ذريعو يا ته انهن جا وڪيل آهن يا هن جي ڪٽنب جا ميمبر، سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جي پاليسي هميشه جارحاڻي رهي آهي پر ڪجهه وقت اڳ عمران خان ڪجهه مفاهمت وارو رويو اختيار ڪيو هو. جڏهن ته عام چونڊن جي نتيجن کان پوءِ سندس رويو هڪ ڀيرو ٻيهر جارحاڻو بڻجي ويو آهي.سندس چوڻ آهي ته بئريسٽر گوهر طبيعت جي لحاظ کان نرم ڳالهائيندڙ ۽ وچٿرو به آهي. شايد ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته سندس جاءِ تي بئريسٽر علي ظفر کي نامزد ڪيو ويو آهي.سينيئر صحافي عاصمه شيرازي ان معاملي تي ضيغم خان سان متفق نظر اچي ٿي. هوءَ چوي ٿي ته بيرسٽر گوهر آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهندي هڪ جمهوري ماڻهو آهي. سندس خيال ۾ عمران خان شايد هن وقت ٽڪراءُ واري صورتحال پيدا ڪرڻ چاهي ٿو.هن چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان تحريڪ انصاف کي سياسي پارٽي کان وڌيڪ پريشر گروپ سمجهيو ويو آهي.سندس چوڻ آهي ته اهڙي صورتحال ۾ بئريسٽر گوهر علي خان پي ٽي آءِ کي سوٽ ناهي. پنهنجي پروگرام ۾ پڻ هن چيو ته اسان کي ادارن سان گڏجي اڳتي وڌڻو پوندو ۽ ڪنهن به قسم جي ٽڪراءَ کي هٿي نه ڏينداسين.سندس چوڻ آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ وڏي وزير لاءِ تحريڪ انصاف جي اميدوار علي امين گنڊاپور کي ڏسندي لڳي ٿو ته عمران خان ٽڪراءُ طرف ويندو. علي ظفر صاحب انهن ماڻهن مان آهي، جيڪي چاهين ٿا ته ڳالهيون خوش اصلوبي سان طئي ٿين، ان قسم جي سيٽ اپ ۾ سندس لاءِ تمام گهڻو ڏکيو هوندو.عاصمه شيرازي جو چوڻ آهي ته هڪ طرف عمران خان جا ارادا ڇڪتاڻ ۽ انتهاپسندي وارا رويا آهن ته ٻئي طرف اهي ماڻهو به آهن جيڪي نظام جي اندر ڪم ڪرڻ چاهين ٿا ۽ اهو ئي مسئلو آهي جنهن سان پي ٽي آءِ قيادت کي پريشاني کي منهن ڏيڻو پوندو.هوءَ چوي ٿي ته جنهن طريقي سان علي امين گنڊاپور ۽ اسلم اقبال کي نامزد ڪيو ويو آهي اهو واضح پيغام آهي ته توهان صرف ڇڪتاڻ چاهيو ٿا.عاصمه جو چوڻ آهي ته 9 مئي کان اڳ ئي پريشاني ۾ مبتلا پارٽي ڪارڪنن لاءِ مزاحمت جي اهڙي پاليسي تي عمل ڪرڻ آسان نه هوندو.سندس چوڻ آهي ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ ڪارڪن سمجهن ٿا ته مزاحمت جي اها پاليسي پارليامينٽ ۾ هلي ويندي ته نقصان ٿيندو.
-
ٻاهر نڪرڻ جي اميد ختم،عمران خان ٻيهر مايوس
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)عمران خان ھڪ ڀيرو ٻيھر مايوسي جو شڪار ٿي ويو،کيس ٻاھر نڪرڻ جي اميد ختم ٿيندي نظر اچڻ سان ئي ھو وري مايوس ٿي ويو آھي.ھاڻي اھو سمجھي ٿو تھ شايد ھو جلدي جيل مان نڪري نھ سگھندو.جمعي واري ڏينھن اڊيالا جيل ۾190 ملين ڊالر واري القادر ٽرسٽ واري ڪيس جي سماعت وقت بشريٰ بي بي کي 12 وڳي بني گالا مان آندو ويو ۽ عمران خان سوا 12 وڳي پھتو.ملزمن تي فرد جرم لاڳو ٿيڻي ھئي پر ان کان اڳ،ٻنھي جي وڪيلن ھڪ ئي وقت ٽي درخواستون جج اڳيان رکي ڇڏيون.ھي نئون جج ناصر جاويد رانا جي عدالت جو پھريون ڏينھن ھو.ھن کان اڳ جج محمد بشير موڪل تي ويل آھي.وڪيلن جج کي ٽي درخواستون ڏنيون،ھڪ تھ ڪيس جا نقل صاف نھ آھن،ٻھ ملزم ھئڻ ڪري کين ڪيس جا ٻھ ٻھ نقل جا سيٽ ڏنا وڃن.جيڪا قبول ڪئي وئي.ٻي درخواست ۾ عمران خان چيو تھ ھن کي سندس زال سان ملاقات ڪرڻ نٿي ڏني وڃي.
کين نويڪلائي ۾ ملاقات ڪرڻ جو اجازت ڏني وڃي. اھا درخواست پڻ منظور ڪئي وئي.جاويد چوڌري موجب ان دوران جڏھن عمران خان عدالت ۾ بشريٰ بي بي کي ٻھ ڀيرا ڀاڪر پائي مليو.انھن ھڪ ٻئي جي ڪنن ۾ سُس پُس ڪئي.عمران خان کي بشريٰ بي بي جي صحت بابت ڳڻتي ھئي.جنھن بعد ھن وڪيلن کي ھدايت ڪئي تھ ان مسئلي کي لاڳاپيل فورم تي اٿاريو وڃي.ايندڙ سماعت 27 فيبروري تي مقرر ڪئي وئي آھي،جنھن تي عدالت جي ڪوشش آھي تھ فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو.