حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي ھارين جي حقن لاءِ جدوجھد ڪندڙ اڳواڻن چيو آھي تھ ملڪ جي 44 لک ايڪڙ زمين سرمائيدار ڪمپنين کي ڏيڻ سنڌ ۽ ملڪ کي تباھھ ڪرڻ جو منصوبو آھي، جنھن کي ڪنھن بھ صورت ۾ قبول نھ ڪيو ويندو، سنڌ جون زمينون سنڌ جي بي زمين ھارين ۾ ورھايون وڃن. ڪالھھ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان ۽ سنڌ ھاري ڪاميٽي طرفان باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي مزار کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ريلي جي اڳواڻي ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جو سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي، سنڌ ھاري ڪميٽي جو مرڪزي صدر مير منور ٽالپر، جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين عبدالخالق جوڻيجو ڪري رھيا ھئا. مارچ ۽ مظاھري ۾ سوين ماڻھن ۽ عورتن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي خطاب ڪندي چيو تھ سنڌ جي وڏيرن ۽ اسٽبلشمينٽ ملي ڀڳت ڪري ھڪ منصوبو جوڙيو آھي، جنھن تحت پاڪستان جي 44 لک ايڪڙ زمين سرمائيدار ڪمپنين کي ڏني پئي وڃي. ھن چيو تھ درياءَ ۾ اڳ ئي پاڻي ڪونھي، زمينون سڪن پيون، پوءِ انھن زمينن لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو، ھي سنڌ ۽ پوري ملڪ کي تباھھ ڪرڻ جو منصوبو آھي. سنڌ ڌرتي کي بچائڻ لاءِ جدوجھد جو سلسلو شروع ڪيو آھي، ان منصوبي کي ناڪام بڻايو ويندو. سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر مير منور ٽالپر چيو تھ ڪارپوريٽ فارمنگ تحت يو اي اي ۽ سعودي سان شراڪت ڪئي پئي وڃي، جنھن خلاف اسان احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو آھي. هن چيو ته سنڌ جي زمين تي پهريان حق انهن ماڻهن جو آھي، جيڪي اتي رهن ٿا، سنڌ واسين کان ڌرتي کسڻ جي سازش رٿي پئي وڃي، جنهن کي اسين ڪڏھن به قبول نه ڪنداسين، ان سلسلي ۾ حيدر بخش جتوئي جي مزار کان ريلي ڪڍي آھي ۽ احتجاج جو ھي سلسلو سڄي سنڌ ۾ شروع ڪيو ويندو. ھن چيو تھ شاھھ عنايت شھيد پنھنجن وڏن جون زمينون اجتماعي طور سنڌ جي ھارين کي ڏنيون، اسان جو مطالبو آھي تھ سنڌ جون زمينون سنڌ جي بي زمين ھارين کي ڏنيون وڃن. جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين عبدالخالق جوڻيجو چيو تھ سنڌ جي زمينن تي قبضاگيري جو سلسلو پاڪستان جي ٺھڻ کان ئي شروع ٿيو ، 50 سالن کان اسان سنڌ جي زمينن تي قبضي خلاف احتجاج ڪري رھيا آھيون ۽ اڄ بھ اسان جو ساڳيو مطالبو آھي، جنھن مان ثابت ٿئي ٿو تھ سنڌ کي ڪالوني طور ھلايو پيو وڃي، جنھن کي اسان 21 صدي جو ڪالونيزم سمجھون ٿا. ھن چيو تھ سنڌ ۾ مختلف پارٽين ۽ مختلف شڪلين ۾ موجود وڏيرا ۽ جاگيردار سنڌ تي قبضو ڪندڙ ڌرين جا ساٿاري آھن، سنڌ جا حقيقي مالڪ پورھيت آھن، سنڌ کي نجات اھي ئي ڏياريندا، انھن سان گڏ آھيون. ڪامريڊ اقبال چيو تھ سنڌ جا ماڻھو پاڻي لاءِ تڙپي رھيا آھن، پھريان حق انھن ماڻھن جو آھي، جيڪي اتي رھن ٿا.