پاڪستان ۾ ايراني فورسز جي ڪارروائي ڪوڙي واويلا آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان ملڪ اندر ايراني ڪارروائي جي ڳالهه کي من گهڙت ۽ گمراهه ڪندڙ پروپئگنڊا قرار ڏيندي چيو آهي ته آپريشن  مرگ مرگ سرمچار تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڪهاڻي گهڙي وئي آهي. پرڏيهي ترجمان چيو آهي ته اهڙو ڪو به واقعو پيش نه آيو ۽ نه ئي سرڪاري ايراني ميڊيا ان کي هلايو آهي. ذريعن موجب آپريشن ”مارگ بار سرمچار“ جو خوف ختم ڪرڻ لاءِ اسمگلرز جي ڪراس فائرنگ کي جعلي فليگ آپريشن طور پيش ڪيو پيو وڃي. واضح رهي ته ايراني ميڊيا جي اداري موجب ايراني فورسز جي ڪارروائي ۾ جيش العدل جو سربراهه اسماعيل شاهه بخش ۽ سندس ساٿي مارجي ويا هئا. اسماعيل شاهه بخش تي ايران ۾ دهشتگرد حملن جو الزام هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.