پ پ پاران انوارالحق ڪاڪڙ کي سينيٽ چيئرمين بڻائڻ جي ترديد

اسلام آباد(م ڊ) پيپلز پارٽي سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن جي ترديد ڪئي آهي ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ  کي پيپلز پارٽي ۾  شامل ڪري کيس سينيٽ چيئرمين بڻايو پيو وڃي، پ پ ذريعن  چيو آهي ته يوسف رضا گيلاني ان عهدي لاءِ مضبوط اميدوار هوندو، پر حتمي فيصلو اڃا ٿيڻو آهي، ذريعن موجب انوار الحق ڪاڪڙ جي پيپلز پارٽي ۾ شموليت جون خبرون اچي رهيون آهن.ان وقت کان اڳ واري افواهه جو مقصد واضح ناهي، پر اهڙيون قياس آرائيون آهن ته اهو اشارو پيپلز پارٽي طرفان اسٽيبلشمينٽ جي قبوليت يا رد عمل کي جانچڻ لاءِ هوندو. جڏهن ته پيپلز پارٽي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي پارٽي ۾ شموليت ۽ سينيٽ چيئرمين ٿيڻ جي خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.