ملڪ احمد خان کي ”خدمتن“عيوض اسٽيبلشمينٽ نوازيو؟

ڪراچي(رپورٽ:عدنان هاشمي) پنجاب اسيمبلي جي نئين چونڊيل اسپيڪر ملڪ محمد  احمد خان اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري سان گڏ وڪالت جي شروعات ڪئي ۽ 2002ع ۾ مسلم ليگ ق جي ٽڪيت تي پهريون ڀيرو ايم پي اي بڻيو،کيس پارلياماني سيڪريٽري جي عهدي سان به نوازيو ويو، 2008ع واري اليڪشن هو هارائي ويو جنهن کانپوءِ هن مسلم ليگ ن ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ 2013ع جي چونڊن ۾ نواز ليگ جي ٽڪيٽ تي ٻيهر ايم پي اي بڻجي ويو،ٿڌي لهجي ۾ ڳالهائيندڙ ملڪ احمد خان 10 سالن جي عرصي ۾ ن ليگ ۾ اهو مقام حاصل ڪري ورتو جيڪو ڪنهن ٻي جماعت مان ايندڙ ڪنهن ٻئي سياستدان وٽ نه هو، هن جو والد ملڪ محمد علي خان آف کائي هٺار 1970ع ۾ مرڪزي جمعيت اهلحديث جي ٽڪيت تي پنجاب اسيمبلي جو ميمبر بڻيو، 1985ع کان 1994ع تائين سينيٽر رهيو،ان دوران هن ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جا فرض به انجام ڏنا،ذريعن جو جوچوڻ آهي ته ملڪ احمد خان سينئر ليگي اڳواڻ خواجا آصف ۽ جنرل باجوا جنرل باجوا جي ويجهو سمجهيو ويندڙ اڳوڻي اسپيڪر اياز صادق جي مدد ذريعي جنرل قمر جاويد باجوا کي آرمي چيف لڳرايو ۽ ان ڪم جي انعام جي انتظار ۾ ڪيترائي ڏينهن اسپيڪر هائوس خالي نه ڪيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته ملڪ احمد خان سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ سان تعلق رکندڙ هڪ اعليٰ عهديدار جي ڌيءُ جي شدي جو سمورو خرچ پاڻ ڪيو،ان دوران هو اسٽيبلشمينٽ جي اکين جو تارو بڻجي ويو ۽ هاڻي به گهڻو ويجهو آهي، ملڪ احمد خان صابر مٺو جو پارٽنر به آهي جڏهن ته جنرل باجوا جي متحده عرب امارات جي شهر عجمان جي هڪ مبينه فارم هائوس لاءِ شام ملڪ کان خوبصورت فرنيچر جو به تحفو ڏنو،ذريعن اهو به ٻڌايو ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي ايڪسٽينشن ڏيارڻ لاءِ نوازشريف کي راضي ڪرڻ۾ ملڪ احمد خان اڳيان اڳيان هو، جڏهن ته ن ليگ جي مزاحمتي سياست کي مفاهمتي سياست ۾ تبديل ڪرڻ وارن ۾ ملڪ احم خان نمايان آهي، ملڪ احمد خان کي مبينه طور انهن”خدمتن“ عيوض اسپيڪر جهڙي عهدي سان نوازيو ويو آهي، ڇو ته اسپيڪر لاءِ ن ليگ پاران فائنل ڪيل نالا ٻيا هئا ۽ ملڪ احمد خان جو نالو اوچتو سامهون آيو جنهن جي باري ۾ چيو پيو وڃي ته ن ليگ اهو فيصلو دٻاءُ ۾ اچي ڪيو آهي

  1. ملڪ احمد پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر ۽ ظهير چنڙ ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويو

لاهور (م ڊ) ملڪ احمد پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجي ويو. مسلم ليگ ن جو ملڪ احمد خان 224 ووٽ کڻي پنجاب  اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجي ويو. سني اتحاد ڪائونسل جي احمد خان ڀچر کي 96 ووٽ مليا. پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر جي چونڊ ۾ 322 ميمبرن ووٽ جو حق استعمال ڪيو جڏهن ته 2 ووٽ رد ڪيا ويا. ملڪ احمد خان جي ڪاميابي تي مسلم ليگ ن جي ميمبرن شير شير مريم مريم جا نعرا هنيا. ملڪ محمد احمد خان پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر جي عهدي جو حلف ورتو ۽ سبطين خان کانئس عهدي جو حلف ورتو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.