پ پ کي گيلاني واري سيٽ ٻيهر نه کٽڻ جو خدشو

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) پيپلزپارٽي انوارالحق ڪاڪڙ کي سينيٽ جي چيئرمين بڻائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي.يوسف رضا گيلاني  ھاڻي قومي اسيمبلي جي سيٽ نھ ڇڏيندو.ان سان پ پ قومي اسيمبلي جي سيٽ بھ بچائي ويندي ۽ سينيٽ جي سيٽ بھ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي.سينئر صحافي جاويد چوڌري پنھنجي وي لاگ ۾ ڄاڻايو آھي تھ پ پ پ جي اڳواڻ آصف علي زرداري انوازالحق ڪاڪڙ کي سينيٽ چيئرميني جو عھدو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آھي.

 

ھو ھن وقت نگران وزيراعظم آھي.جيڪو جلد ئي آصف علي زرداري سان ملاقات ڪري پيپلزپارٽي ۾شامل ٿيڻ جو اعلان ڪندو.ان ڪري ھن کان اڳ يوسف رضا گيلاني کي سينيٽ جي چيئرمن بڻائڻ وارو فيصلو واپس ڪيو ويو آھي.ھاڻي يوسف رضا گيلاني قومي اسيمبلي جي سيٽ نھ پر سينيٽ جي سيٽ خالي ڪندو.اھڙي فيصلي ڪرڻ جي پويان ھڪڙو خطرو ھي بھ آھي تھ جيڪڏھن يوسف رضا گيلاني قومي اسيمبلي جي سيٽ خالي ڪندو تھ ان تان وري پ پ پ جي ڪاميابي جي پڪ نھ آھي.جاويد چوڌري جي لفظن ۾ ان تڪ تي وري ڌانڌلي نھ ٿي سگھندي. ڇاڪاڻ جو ھن وقت شاھ محمود قريشي اتان مضبوط ٿي ويو آھي،جيڪو پنھنجي نياڻي مھربانو يا ٻي نياڻي کي اتان ڪامياب ڪرائي وٺندو.پيپلزپارٽي جي اھڙي فيصلي جو ھو ٻيو پس منظر ھي پڻ آھي تھ سڀاڻي جيڪڏھن پ پ پ جو پاڪستان تحريڪ انصاف سان ڪو سمجھوتو ٿي وڃي ٿو ۽ ن ليگ سان جھيڙو ٿئي ٿو تھ يوسف رضا گيلاني ايوان ۾ وزيراعظم جو ھڪ اميدوار بھ پارٽي وٽ ھوندو،جنھن کي ان صورت ۾ وزيراعظم ڪري سگھبو.ان سان گڏ صادق عمراڻي جي بلوچستان مان ھئڻ ڪري اھو تاثر ڏنو ويو ھو تھ وفاق ۾ بلوچستان کي اھميت ڏني وئي آھي، ان ساڳئي تاثر جي تسلسل کي جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي.جاويد چوڌري موجب پ پ اھو درست فيلصو ڪيو آھي، انوارالحق ڪاڪڙ نگران وزيراعظم طور بھتر ڪارڪردگيءَ ڏيکاري آھي ۽ ھو ھڪ پڙھيل لکيل شخص پڻ آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.