چونڊ نتيجا رد، اسٽيبلشمينٽ ماضي جي تجربن مان ناهي سکي: قادر مگسي

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي, ملڪ ۾ 8 فيبروري تي ٿيل عام چونڊن کي رد ڪندي چيو آهي ته  هي چونڊون عوام جون چونڊون نه هيون, 8 فيبروري تي هن ملڪ ۾ اليڪشن جو تماشو ٿيو, پر اسان تاريخ جي ڪنهن به ذميواري کان فرار نه ٿينداسين, چونڊون عوام جي ليبارٽري جو ٽيسٽ ڪيس هونديون آهن ۽ اسان ٽيسٽ کان نه ڀڄنداسين, يوم مادر وطن اهو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن تي سوچڻ لاءِ پاڻ وٽ سنڌ کانسواءِ ڪجهه ناهي هوندو, هي پنهنجي سوچ کي پختو بنائڻ جو ڏينهن آهي, اسان جو مقصد سنڌ جي بقاءَ آهي, سنڌ ۾ واندي قومپرستي ماڻهن ۽ سماج ڏانهن ذميوار ناهي, اها جيئي جيئي ۽ هي ڊاهيو ۽ هو ٺاهيو جا نعرا هڻي هر سال 50 يا 100 ڳڀرو نوجوانن جا لاش ملڻ تائين ويٺي هوندي آهي. اهڙو اظهار هن قاسم آباد جي علائقي علمدار چوڪ تي منعقد ڪيل سنڌ ترقي پسند پارٽي جي 32 هين يوم مادر وطن جي جلسي عام کي خطاب ڪندي ڪيو. جلسي عام ۾ وڏي انگ ۾ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪنن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ عورتن شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ جي سياست جي ليبارٽري سنڌ جي عوام آهي, آئون جلسي ۾ ماڻهن کي گڏ ڪري پاڻ کي وڏو ليڊر ٿيڻ واري خوشفهمي جو شڪار ناهيان, عوام جي ان ليبارٽري جو ٽيسٽ اليڪشن هوندي آهي, نعريباز ماڻهو ان عوام جي ليبارٽري کان ڀڄندا آهن ان ڪري هو ڪنهن به اهڙي امتحان ۽ ٽيسٽ جي لاءِ تيار ناهن هوندا. هن چيو ته عوام دشمنن، مذهبي انتهاپسندن ۽ اسٽيلشمينٽ اهو طئه ڪري ڇڏيو آهي ته عوام دوست ماڻهن کي پارليامينٽ ۾ ناهي پهچڻ ڏيڻو. هن چيو ته اهو ڏسو ته 47ع ۾ پاڪستان وجود ۾ آيو ته ان وقت پاڪستان جي پکيڙ ڪيتري هئي ۽ اڄ ڪيتري آهي, اڄ پاڪستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڪستان جو ترانو نٿو هلي ان جا ذميوار اسان سنڌي ناهيون پر 75 سالن کان حڪمراني ڪندڙ توهان آهيو. هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي پنڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي, اسان سمجهي رهئا هئاسين ته نئين آيل اسٽيبلشمينٽ ماضي جي تجربن مان سکندي ۽ هن ملڪ کي نئين شاندار قيادت ملندي, پر افسوس ته آصف زرداري جي صورت قيادت ڏني وئي آهي, جيڪو سڄي سنڌ ۾ ناپسنديده شخص آهي, هن ملڪ ۾ چونڊون عوام جون چونڊون ناهن, پر اسان ميدان ڇڏي نه ڀڄنداسين, اسان ان امتحان ۾ ويهنداسين ۽ امتحان وٺندڙن کي سڌو ڪنداسين, اسان تاريخ جي ڪنهن به ذميواري کان فرار ٿيڻ نٿا چاهيون. هن چيو ته نئون ٽرم ٻڌو آهي ته کربين رپين ۾ اليڪشن نيلام ٿيو, آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ قاضي فائز سان مخاطب آهيان ته توهان جي نڪ جي هيٺيان ڪهڙا بيوروڪريٽس, ڪامورا، ڪرنل ۽ ميجر زرداري جي ڪرپشن جي ذريعي وڪرو ٿيا ڇاڪاڻ ته بينظير ڀٽو جي شهادت کان به هن ڀيري پ پ وڌيڪ سيٽون کنيون آهن. هن چيو ته اسين اليڪشن جي نتيجن کي رد ڪيون ٿا, آئون ڪنهن به مارشلا ۽ ايمرجنسي جي گهر نٿو ڪيان, اسان جمهوريت پسند ماڻهو آهيون, اسان حقيقي جمهوريت جي لاءِ جدوجهد ڪنداسين, اسان

عوامي اعتماد ۽ ووٽ سان جڙيل حقيقي پارليامينٽ جا حامي آهيون, آئين جي بالادستي چاهيون ٿا ۽ سنڌ جي غريب ۽ مسڪين ماڻهن جا نمائندا آهيون. هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ کي خبر هوندي آهي ته سماج جي ڪجهه ماڻهن کي چونڊي انهن کي جيئن چونداسين تيئن ڪندا, ڇو ڪروڙين ماڻهن جا حقيقي نمائندا اسٽيبلشمينٽ جي ڳالهه نه ٻڌندا. هن چيو ته جن ماڻهن کي اسيمبلين تائين پهچايو ويو آهي، اهي وڏا ڀوتار عالمي آقائن آڏو ڪشتو کڻي سڄي دنيا مان خيرات ۽ قرض وٺي عوام کي مقروض ڪندا ۽ پاڻ شرم به محسوس نه ڪندا. هن چيو ته انهن سنڌ جا وسيلا لٽيا، ترقياتي بجيٽ هضم ڪيو، ٻيلا ڪاٽي وڪرو ڪيا، ڪارونجهر وڪرو ڪري ڇڏيو, ترقياتي اسڪيمون به وڪرو ڪري ڇڏيون، ڪروڙين مائرن ۽ ڀينرن کي پنڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. هن چيو ته اسان جا نوجوان پڙهي لکي گولڊ ميڊل حاصل ڪري نوڪرين لاءِ ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جي درن جا ڌڪا کائي جڏهن مايوس ٿي گهر اچن ٿا ته سندن والدين جي اکين ۾ رت جا ڳوڙها ڏسي خودڪشي ڪري پنهنجي حياتي وڃائي ڇڏين ٿا. اسين سنڌ جي ماڻهن جا ڏک ۽ سور دور ڪرڻ چاهيون ٿا ان ڪري اليڪشن جي سياست کان ڪنهن به صورت فرار نه ٿينداسين. ان موقعي تي ايس ٽي پي جي سينيئر وائيس چيئرمين عبدالفتاح سميجي چيو ته ايس ٽي پي چور دروازي کان اسيمبلين ۾ نٿي اچڻ چاهي, ڊاڪٽر قادر مگسي کي هارائڻ جي لاءِ ڪوڙا ٺپا هڻي هڪ منشيات فروش کي کٽرايو ويو آهي. هن چيو ته اسان اسيمبلين ۾ وڃي سنڌ جو ڪيس وڙهڻ چاهيون ٿا. انهن جو عشق پئسن سان آهي پر اسان جو عشق سنڌ سان آهي. هن چيو ته اڄ به آقائن جي چوڻ تي ايم ڪيو ايم کي سيٽون ڏنيون ويون آهن. ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ گلزار سومري چيو ته سنڌ پرست آهيون ان ڪري پاڪستان جي سلامتي چاهيون ٿا. اسان جمهوريت پسند آهيون. ڪنهن به صورت ۾ جمهوريت جي مخالفت نٿا ڪري سگهون پر هتي تڪراري ۽ جعلي چونڊون ڪرائي جمهوريت کي ڪمزور ڪيو پيو وڃي. جمهوريت جي نالي تي سنڌ مٿان زرداري ليگ جهڙي پارٽي مڙهي وئي آهي. هن چيو ته اسان کي اقتدار جي لاءِ اسيمبلين ۾ ناهي وڃڻو پر سنڌ جي حقن جي تحفظ، خوشحالي ۽ ڪرپشن کي روڪڻ جي لاءِ وڃڻو آهي. ايس ٽي پي جي وائيس چيئرمين حيدر شاهاڻي چيو ته مادر وطن جو پيغام آهي ته سنڌ جي وسيلن، زمينن ۽ شهرن جو تحفظ ڪنداسين. ايس ٽي پي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل حيدر ملاح چيو ته سنڌ هزارين سالن کان اسان سنڌي ڳالهائيندڙن جو مادر وطن آهي. نامياري ليکڪ انعام شيخ چيو ته جن ماڻهن جو وطن سان پيار آهي اهي 10 دفعا هارائيندا ۽ 10دفعا اليڪشن وڙهندا. وڏي ڌانڌلي باوجود ڊاڪٽر قادر مگسي مقابلو ڪيو، اهو وقت ضرور ايندو جڏهن سنڌ جا وطن دوست ماڻهو ضرور ڪامياب ٿيندا. ان موقعي تي اظهار سومري، ڊاڪٽر احمد نوناري، روشن سندر چانڊيو، نثار ڪيريو، ترقي پسند ناري تحريڪ جي صدر حاڪمزادي ٿيٻو ۽ ٻين خطاب ڪيو. جڏهن ته جلسي ۾ انو سولنگي، دانش منظور ۽ ٻين راڳين قومي گيت پيش ڪيا. جلسي ۾ قراردادون پاس ڪندي گهر ڪئي وئي ته پاڪستان کي هڪ وفاقي گھڻ قومي ملڪ سمجهندي 1940ع جي قرارداد جي روح مطابق وفاقي اڪائين سنڌي، بلوچ، پشتون، سرائڪي ۽ پنجابي قومن تي مشتمل حقيقي وفاق تشڪيل ڏئي پاڪستان کي عوامي جمهوريه پاڪستان قرار ڏنو وڃي. پاڪستان جي مختلف صوبن مان ملندڙ معدني ۽ آبي وسيلن تي اتان جي صوبن جي حاڪميت ۽ اختيار تسليم ڪيو وڃي. گهر ڪندي چيو ته فوري طور سنڌ جي زمينن تي والار جو سلسلو بند ڪري بحريا، ٽائون، ڊي ايڇ اي سميت مختلف رھائيشي اسڪيمن ۽ ڪمرشل پروجيڪٽن جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي غيرقانوني طور الاٽمينٽ ۽ قبضا ھڪ منظم سازش تحت ڌارين آبادڪاري کي ھٿي ڏني پئي وڃي جنھن سان سنڌ جا اصل ڌرتي ڌڻي اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا ۽ سندن سمورن وسيلن حقن تي ڌاريا قابض ٿي ويندا ان ڪري ڪراچي سميت سنڌ جي ڪوھستان ۽ ساحلي علائقن ۾ ٿيندڙ قبضا فوري طور ختم ڪرايا وڃن ۽ سنڌ جي زمينن تي والار بند ڪئي وڃي هنن چيو ته سنڌ مان ڌارين آبادڪاري کي نيڪالي ڏني وڃي ۽ سنڌ کي ڪالونائزيشن ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش بند ڪئي وڃي سنڌ ۾ آبي، زميني ۽ ھوائي رستن کان ايندڙ غيرقانوني آبادي کي روڪيو وڃي ۽ سنڌي، بلوچي، پختون، سرائڪي ۽ پنجابي ٻولين کي پاڪستان جون قومي ٻوليون قرار ڏئي هر صوبي جي ٻولي کي اتان جي قومي ۽ سرڪاري ٻولي جو درجو ڏنو وڃي. سنڌ جي تعليم پرائمري کان يونيورسٽي سطح تائين سنڌي ٻولي لازمي قرار ڏني وڃي. پرائيوٽ اسڪولن ۾ پهرين درجي کان يونيورسٽي تائين سنڌي ٻولي لازمي پڙهائي وڃي.

 

 

حيدرآباد: ايس ٽي پي جي 32هين يوم مادر وطن جي موقعي تي ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي کي بوسڪي جو پٽڪو پارايو ويو. پروگرام ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي آخر ۾ جلسي ۾ شريڪ هزارين ماڻهن کان يوم مادر وطن جو وچن ورتو. جلسي ۾ ايس ٽي پي جي جهنڊن، ڊاڪٽر قادر مگسي جي تصويرن وارا ڪي چين، تصويرون توڙي ٽوپيون وڪرو ڪرڻ جا اسٽال لڳل هئا. جلسي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن جي به وڏي انگ شرڪت ڪئي. جلسي سبب نسيم نگر چوڪ کان ٽريفڪ شديد متاثر رهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.