پبلڪ سروس ڪميشن جو پرچو آئوٽ ڪرڻ جو اسسٽنٽ ڪنٽرولر سميت 9 ملازمن تي ڪيس

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي سيڪنڊري اسڪول ٽيچرن جي ڀرتي جي لاءِ ٿيندڙ امتحان جو پرچو آئوٽ ٿيڻ ۾ ذميوار قرار ڏنل اسيسٽنٽ ڪنٽرولر سميت 9 ملازمن تي ڪيس داخل ٿي ويو،  ايس پي ايس سي ڪنٽرولر جي فرياد تي داخل ڪيس ۾ اسسٽنٽ ڪنٽرولر زين عالم کهڙو، 2 سينيئر ڪمپوٽر آپريٽر ۽ 6 نائب قاصد آيف آئي آر ۾ جوابدار طور نامزد ڪيا ويا آهن، جڏهن ته اسسٽنٽ ڪنٽرولر جي گرفتاري جا اطلاع آهن، ٻين جوابدارن جي گرفتاري نه ٿي سگهي آهي، پوليس پاران روپوش جوابدارن جي مٽن ۽ مائٽن جو پتو لڳائي جوابدارن جي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪارروايون جاري آهن. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ سيڪنڊري اسڪول ٽيچرن جي ڀرتين لاءِ هلندڙ لکت واري امتحان جو پيپر آئوٽ ٿيڻ واري عمل جو ذميوار قرار ڏنل اسسٽنٽ ڪنٽرولر ٽو زين عالم کهڙو سميت 9 ملازمن تي جعلسازي جي قلم 409,411,420, 465 34 پي پي سي تحت ايف آئي آر داخل ڪئي وئي آهي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحانن واري ڪنٽرولر عبدالحفيظ لغاري جي فرياد تي گناھه نمبر 15/2024 تحت جي او آر ٿاڻي تي داخل ايف آئي آر ۾ ڪنٽرولر فريادي ڄاڻايو آهي ته مون سان گڏ آفيس ۾ اسسٽنٽ فدا حسين سومرو ۽ نائب قاصد خدا بخش چانڊيو مقرر آهن. جڏهن ته اسسٽنٽ ڪنٽرولر ٽو طور زين عالم مقرر ٿيل آهي، ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ سنڌ پنهنجي کاتي ۾ سيڪنڊري اسڪول ٽيچرن جي ڀرتين لاءِ ليٽر لکيو هو، جنهن لاءِ اسسٽنٽ ڪنٽرولر ٽو زين عالم ۽ ان سان گڏ ماتحت 2 سينيئر ڪمپيوٽر سجاد علي ۽ احسن ظهير مقرر هئا ۽ 6 نائب قاصد جن ۾ اڪبر ڏاهري، خان محمد شاھه، دانيال قمبراڻي، شاھزيب ابڙو، شاھزيب جعفري ۽ عزيز احمد برفت کي ذميواري مليل هئي، فريادي موجب انهن کي لکت واري امتحان لاءِ ٽيسٽ پيپر جي تياري، ان جي پرنٽنگ، پروف ريڊنگ ڇپائي ۽ ٻئي ذميواري ڏني وئي هئي، ان پوسٽ لاءِ 15 کان 26 فيبروري جو ٽيسٽ جو شيڊول ڏنو ويو هو، جنهن تحت قائم ڪيل سينٽرن تي ٽيسٽ وارو عمل شروع ڪيو ويو، فريادي موجب سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي 17 فيبروري تي سوشل ميڊيا مان معلوم ٿيو ته 16 فيبروري تي ٿيل ٽيسٽ پيپر تي 18 هنڌن تي درست ڊاٽ لڳايا ويا، 20 فيبروري تي اهو به معلوم ٿيو ته نعيم ﷲ مهر جنهن جا موبائل فون نمبر 03003125361 ۽ 03155550431 آهن انهي فيس بڪ تان پبلڪ سروس ڪميشن کي نشانو بڻايو ويندو هو, ٽيسٽ پيپر جهڙي مواد سان ملندڙ فيس بڪ تي پوسٽ رکي وئي. اهڙي اطلاع ملڻ تي هڪ پريس ريليز ليٽر جاري ڪري 20 فيبروري کان ٿيل ٽيسٽ پيپر ڪينسل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ هڪ ٻئي پريس ريليز ذريعي 15 فيبروري کان ٿيندڙ سمورا ٽيسٽ پيپر ڪينسل ڪيا ويا، جنهن جو ذميوار اسسٽنٽ ڪنٽرولر زين عالم ٿئي ٿو، انهن سرڪاري ڪم ۾ خيانت ڪندي مجرمانه طور ٽيسٽ پيپر ۾ بديانتي ڪئي ۽ کاتي سان دوکي ڏئي جعلسازي ڪئي. فريادي موجب اهڙي اطلاع تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين کي ڏني وئي، جنھن کانپوءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڪارروائي ڪندي اسسٽنٽ ڪنٽرولر ٽو زين عالم ۽ ان سان گڏ ڪم ڪندڙ 8 ملازمن کي معطل ڪيو ويو، جنھن بعد ٿاڻي تي حاضر ٿي معاملي جو تدارڪ ڪرائڻ لاءِ فرياد داخل ڪيو آهي. هوڏانهن سوشل ميڊيا ته اسسٽنٽ ڪنٽرولر جي گرفتاري جون خبرون هونديون رهيون, پر پوليس اسسٽنٽ ڪنٽرولر جي گرفتاري جي تصديق ناهي ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.