قوم پرست اڳواڻ ۽ استاد هدايت الله لوهار جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف ٽئين ڏينهن به ريلي

نصيرآباد(رپورٽ بشيراحمد بروهي) نصيرآباد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل قومي ڪارڪن ۽ استاد هدايت لوهار جا قاتل گرفتار نہ ٿيڻ ۽ ايف آءِ آر داخل نہ ڪرڻ خلاف ڪالھ ٽئين ڏينھن بہ نوناري محلي کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنھن ۾ شھر توڙي آس پاس جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، ڪارڪنن، سول سوسائٽي ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ريلي نوناري محلي کان شھر جي مختلف رستن تان ٿيندي آرٿر پل وٽ پھتي جتي استاد هدايت لوهار جي قتل خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي خطاب ڪندي  سسئي لوهار، ايڊووڪيٽ نواب چانڊيو، غلام مصطفيٰ چانڊيو ۽ ٻين چيو تہ هن ملڪ ۾ ماڻھن جي ڪا اهميت ناهي جنھن ملڪ جو آئين انساني حقن جي ڳالھ ڪري ان ملڪ جا آئيني ادارا مقتول جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کان جواب ڏئي بيٺا آهن ھنن چيو تہ ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ هر شھري جو بنيادي حق آهي پر افسوس ان جي حق تلفي اسان جي پوليس پئي ڪري شھيد هدايت لوهار ڪو عام ماڻھو نہ پر هڪ قومي ڪارڪن ۽ استاد هيو جنھن جو قتل ڪا معمولي ڳالھ ڪونھي هنن مطالبو ڪيو تہ فوري طور تي ايف آئي آر داخل ڪري قاتل گرفتار ڪيا وڃن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.