هدايت لوهار جو قتل ڪيس داخل نه ٿيڻ شرم جوڳو عمل آهي

حيدرآباد(رپورٽر) چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس عقيل عباسي چيو آهي ته جيڪي ملڪ هلائين ٿا انهن کي سوچڻ گهرجي ته جيڪڏهن هو ملڪ ۾ ترقي ڏسڻ جا خواهشمند آهن ته کين پنهنجي دائري ۽ اداري  ۾ رهي نيڪ نيتي سان ڪم ڪرڻو پوندو. ججز ڪنهن جي به ڪم ۾ مداخلت نٿا ڪن. سندن ڪم رڳو خدا کي حاضر ناظر سمجهي پيڙهيل طبقي کي انصاف فراهم ڪرڻ آهي. هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن پاران منعقد تقريب کي خطاب دوران چيف جسٽس چيو ته کيس ٻڌايو ويو آهي ته نصير آباد ۾ هدايت الله لوهار کي قتل ڪيو ويو آهي پر پوليس سندس واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، اها شرمناڪ صورتحال آهي جو هڪ ماڻهو جو قتل ٿئي ۽ وارثن جي فرياد تي ڪيس داخل نه ڪيو وڃي، اها شرمناڪ صورتحال آهي پر وارث 22 اي جي درخواست داخل ڪرائين، واقعي جو ڪيس به داخل ٿيندو ۽ معاملي جي جاچ به ڪرائي ويندي ۽ هو پاڻ لاڳاپيل عدالتن جي ججز کي پابند بڻائيندو. هن چيو ته سندس 14 سال سروس دوران هن وڪيلن کي ڪڏهن به مايوس ناهي ڪيو. هن عهدي تي رهي عبادت سمجهي پنهنجو فرض سرانجام ڏنو آهي ۽ ڏينهن رات محنت ڪري هو اهو فرض ادا ڪندو رهندو. هن چيو ته عوام کي قانون ۽ ججز کان مايوس ٿيڻ نه گهرجي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪنهن جي به دٻاءُ ۾ ناهي ۽ نه ئي ڪڏهن ايندي، هو سدائين عوام سان گڏ بيٺل هوندا. هن چيو ته ججز آزاد آهن ۽ هو انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙين پيا. ان کان اڳ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ۾ ڊجيٽل لائبريري ۽ آڊيٽوريم هال جو افتتاح ڪيو. تقريب ۾ پهچڻ دوران نصير آباد ۾ قتل ٿيل هدايت الله لوهار واري واقعي تي ايڊووڪيٽ محب آزاد، اندرجيت لوهاڻو ۽ ٻين هٿن ۾ پلي ڪارڊز کڻي خاموش احتجاج رڪارڊ ڪرايو جڏهن ته پي ٽي آئي جي حمايت يافته اين اي 220 تان هارايل اميدوار ايڊووڪيٽ فيصل مغل به ساٿين سميت احتجاج ڪندي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته هو ساڻن ٿيل ناانصافي جو ازالو ڪري جنهن تي چيف جسٽس احتجاج ڪندڙ ٻنهي ڌرين کي يقين ڏياريو ته ساڻن ٿيل ناانصافين جو ازالو ڪيو ويندو. چيف جسٽس جي حيدرآباد آمد جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.