شهدادپور ۾ جي ڊي اي ڪارڪنن مٿان تشدد خلاف مظاهرو، ڌرڻو

شھدادپور ( ن ع آ) ڪراچي ۾ پرامن احتجاج ڪندڙ جي ڊي اي ڪارڪنن مٿان پوليس جي لٺبازي ۽ گرفتارين خلاف حر جماعت جا عقيدتمند ۽ مريد روڊن تي نڪري آيا، شھدادپور نوابشاھ جي مُک روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٽرئفڪ معطل ٿي وئي.

 

سنڌ اسيمبلي آڏو احتجاج دوران پوليس پاران عورتن تي ڪيل تشدد ۽ جي ڊي اي جي ڪارڪنن جي گرفتارين خلاف ڀنڀرا واٽر وٽ رڪاوٽون وجهي روڊ بند ڪري ڌرڻو هنيو ويو ، ڌرڻي سبب شھدادپور نوابشاھ مک روڊ بلاڪ ٿيڻ جي ڪري گاڏين جو قطارون لڳي ويون،ان موقعي تي مظاهرين چيو آهي ته سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس جي بربريت خلاف اسان احتجاج ڪري رهيا آهيون، پرامن ڪارڪنن مٿان تشدد ڪيو ويو، ڪراچي ۾ عورتن جي تذليل ڪئي وئي، سنڌ جي ڌرتي ڌڻي نياڻين کي ڪراچي جي روڊن تي گهليو ويو ته ٻئي پاسي نااهل ۽ چوري جي مئنڊيٽ تي آيل ميمبر اسيمبلي ۾ حلف کڻي رهيا هئا، چوري مئنڊيٽ تي ٺهندڙ حڪومت کي هلڻ نه ڏينداسين، نياڻين تي تشدد ڪندڙ پوليس عملدارن خلاف قانوني قدم کڻي گرفتار ڪيل ڪارڪن آزاد ڪيا وڃن.

  1. ڊاڪٽر قادر مگسي کي بوسڪي جو پٽڪو ٻڌرايو ويو

حيدرآباد: ايس ٽي پي جي 32هين يوم مادر وطن جي موقعي تي ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي کي بوسڪي جو پٽڪو پارايو ويو. پروگرام ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي آخر ۾ جلسي ۾ شريڪ هزارين ماڻهن کان يوم مادر وطن جو وچن ورتو. جلسي ۾ ايس ٽي پي جي جهنڊن، ڊاڪٽر قادر مگسي جي تصويرن وارا ڪي چين، تصويرون توڙي ٽوپيون وڪرو ڪرڻ جا اسٽال لڳل هئا.

 

جلسي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن جي به وڏي انگ شرڪت ڪئي. جلسي سبب نسيم نگر چوڪ کان ٽريفڪ شديد متاثر رهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.