اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) ايم ڪيو ايم ن ليگ سان ڪاوڙجي پئي آھي.شھبازشريف سان ملاقات ڪندڙ وفد جو چوڻ ھو تھ پ پ سان ن ليگ جي ڪامياب ڳالھين بعد اسان کي نظرانداز ڪيو ويو آھي. جمعي واري ڏينھن ايم ڪيو ايم وفد ماڊل ٽائون لاھور ۾ ن ليگ اڳواڻ شھبازشريف سان ملاقات ڪري پاورشيئرنگ فارمولو طلب ڪري ورتو.ھنن جو چوڻ ھو تھ اسان وٽ قومي اسيمبلي جون 17 سيٽون آھن.اسان کي پنھنجي سائز موجب پاور ۾ حصو ڏنو وڃي،
اسان جا وزير وڌيڪ ھئڻ گھرجن.سنڌ جو گورنر بھ اسان جو ھجي. گڏوگڏ اوھان جي مشاورتي ٽيم ۾ بھ شامل ڪيو وڃي.پيپلزپارٽي تي گھڻو اعتبار نھ ڪيو اھا ساٿ ڇڏي ويندي،جڏھن تھ اسين اوھان سان مستقل طور تي ھلڻ چاھيون ٿا.ان ملاقات بعد پاور شيئرنگ جو فارمولو ايم ڪيو ايم کي ڏنو ويو آھي.جيڪو جلد پڌرو ٿيندو جنھن بعد ئي پتو پوندو تھ اھو ايم ڪيو ايم لاءِ قبولڻ جوڳو آھي يا نھ آھي.مسلم ليگ ن لاءِ ڪافي ڏکيو وقت اچي ويو آھي، ان پ پ کي تھ راضي ڪري ورتو پر ھاڻي ايم ڪيو ايم ڪاوڙجي پئي آھي.ٻئي پاسي جي يو آءِ اڳواڻ مولانا فضل الرحمان بھ ڌمڪيون پيو ڏئي تھ اھو روڊن تي نڪرندو.جاويد چوڌري جو خيال آھي تھ ن ليگ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم کي پاڻ سان کنيو آھي تھ ان کي جي يو آءِ کي بھ گڏ کڻڻ گھرجي،توڻي جو انھن جا 4 ميمبر آھن پر اھي بھ اھم آھن، انھن کي ھڪ وزارت ڏني وڃي.ھڪڙي وزارت مولانا وارن کي گھڻي پسند آھي اھا ئي انھن کي ڏئي ڪري راضي ڪيو وڃي. جاويد چوڌري موجب ان سان بلوچستان ۾ پاور شيئرنگ ۾ بھ مولانا فضل الرحمان کي شامل ڪيو وڃي تھ اھو بھتر ٿيندو. جيڪڏھن کيس نظرانداز ڪري ميدان ۾ ڇڏيو ويو تھ ھوءَ ڪنھن کي کيڏڻ نه ڏيندو.