آءِ ايم ايف کي خط لکڻ 9 مئي کان به وڏو سانحو آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي( م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته 9 مئي کان عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کي خط لکڻ  وڏو سانحو آهي، سياسي پارٽي جو خط ملڪ جي 24 ڪروڙ عوام جي معاشي مفادن تي حملو آهي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪڏهن آءِ ايم ايف سندس ڳالهه ٻڌي ته لکين خاندان بک مرڻ تي مجبور ٿي ويندا، ڪجهه شرپسند قوتون عدم استحڪام چاهين ٿيون.

 

پي ٽي آءِ جي باني عمران خان طرفان عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کي خط لکڻ بابت ڳالهائيندي هن چيو ته هڪ سياسي پارٽي آءِ ايم ايف کي خط لکڻ واري آهي، اها پارٽي خط لکي رهي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ٻاهرين مداخلت ناقابل قبول هئي. هن چيو ته ڪو به محب وطن آءِ ايم ايف کي خط نٿو لکي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.