ڪراچي ( پ ر )جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو، سينئر وائيس چيئرمين عزيزالله ڀٽو، وائيس چيئرمين نواز شاهه ڀاڏائي، جنرل سيڪريٽري غفار ميرجت، پنهل جمالي، ذوالفقار بليدي،اياز سولنگي، جاويد عمراڻي ۽ ڪمال مهر پنهنجي جاري ڪيل گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ اڻ اعلانيه مارشلا نافذ آ جمهوري آزادي انساني آزادي اظهار جو آزاديون انهن تي بندش آ سنڌ جا ماڻهون احتجاج ڪن ٿا ته انهن جي مٿان آسو گئس هڻي لاٺي چارج ڪري ان پر امن مظاهرن ۾ شريڪ ٿيندڙ ماڻهن کي گرفتار ڪيو وڃي ٿو ، اسان سنڌ جي سڄي اپوزيشن جيڪا پرامن احتجاج پئي ڪري سنڌ اسيمبلي جي آڏو تن عورتن ۽ ٻين سياسي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري لاٺي چارج ڪيو ويو آهي ان واقعي جي مزمت ڪيو ٿا، سنڌ جي ماڻهن جا بنيادي حق سڀ ختم آهن ڏاڍ ۽ جبر جو سنڌ جي مٿان قانون مسلط آهي ڌاڙيلن کي اغوا انڊسٽريز جي اجازت آ منشيات فروشن کي اجازت آ قانون جو ڌڄو اڏائي بدعنوان حڪمرانن کي سنڌ جي خزاني جي لٽ مار ڪرڻي آ ان جي اجازت آهي، سنڌ جا ماڻهو پرامن احتجاج ڪن ان ظلم جي خلاف انهن جي مٿان وحشيت مسلط ڪيو اهيو ظلم ۽ بربريت آ اهيو ڏاڍ آ جيڪو قائم رهي نٿو سگهي اسان مطالبو ڪريو ٿا ته جيڪي به گرفتار ڪارڪن آهن جي ڊي اي – جي يو آءِ ٻين پارٽين جا ۽ قومي عوامي تحريڪ جو جيڪي ليڊيز ورڪر آهن يا سياسي اڳواڻ آهن اتحاد سان لاڳاپيل انهن کي فورن انهن کي آزاد ڪيو وڃي گڏوگڏ راشد سومرو مٿان شيلنگ گوليون وسائيندڙ ڏوهاري پوليس آفيسرن کي گرفتار ڪيو وڃي.