ڪراچي: پ پ جي سينيئر اڳواڻ منظور وساڻ جي ڊي اي اڳواڻ صدرالدين شاهه کي خيرپور جي ڪنهن به تڪ تان چونڊ وڙهڻ جو چئلينج ڏيندي چيو ته جي ڊي اي وارا ڌانڌلي به ڪن پوءِ وري احتجاج به ڪن ٿا، هن ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته حالتون ٺيڪ نه آهن،
پي ٽي آءِ وارن پاڻ پنهنجي پيرن تي ڪهاڙو هنيو آهي، عمران خان جو مستقبل اونداهو ئي اونداهو آهي، هن چيو ته متحده جيتري ڪاوڙ ڏيکاري ٿي ايتري ئي پ پ سان گڏ به آهي.