نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ کي سينيٽ چيئرمين بڻائڻ جو فيصلو: ذريعا

اسلام آباد( م ڊ) باخبر ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته سينٽ چيئرمين نگران وزير اعظم انوار الحق ڪاڪڙ کي بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي.  ملڪ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن کان پوءِ حڪومتي جوڙجڪ ۽ عھدن جي ونڊ ورڇ گھڻي ڀاڱي مڪمل ٿي چڪي آھي. سينٽ چيئرمين لاءِ ڪجھه وقت اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جو نالو پڻ گردش ھيٺ رھيو، پر سينٽ چيئرمين لاءِ انوار الحق ڪاڪڙ جي نالي تي پڻ غور ڪيو پيو وڃي. باخبر ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته انوار الحق ڪاڪڙ کي سينٽ جي چونڊ ۾ چونڊرائڻ کان پوءِ  کيس سينٽ چيئرمين بڻايو ويندو ڇاڪاڻ پي پي   نواز ليگ اڪثريت ۾ ھجڻ سبب سندس نالو فائنل ٿيڻ جا امڪان وڌيڪ آھن. انوار الحق ڪاڪڙ جو تعلق باپ سان آھي، جيڪا پاڪستان پيپلز پارٽي جي اتحادي جماعت آھي. .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.