ڪراچي ۾ امن امان کي بهتر ڪرڻ لاءِ سخت قدم کنيا وڃن: آءِ جي سنڌ

ڪراچي (رپورٽ: حفيظ ڦلپوٽو ) آءِ جي سنڌ رفعت مختيار راجا جي صدارت هيٺ سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ صوبي خاص ڪري ڪراچي ۾ امن امان جي موجوده صورتحال بابت اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي سميت ڊي آءِ جي هيڊڪوارٽرز، ويلفيئر، ايڊمن ڪي پي او، زونل ڊي آءِ جيز، ضلعي ايس ايس پيز ڪراچي ۽ اي آءِ جيز ايڊمن، فنانس ۽ ٻين پوليس آفيسرن شرڪت ڪئي، آءِ جي سنڌ طرفان اڄ ٿيندڙ سنڌ اسيمبلي جي پهرين اجلاس جي موقعي تي سيڪيورٽي قدمن ۽ حڪمت عملين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي هدايتون پڻ ڏنيون ويون. ان موقعي تي اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ زونل، ضلعي ۽ پوليس اسٽيشنن جي سطح تي پوليس جي سمورن معاملن ۽ ڪاررواين جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ شهر ۾ امن امان جي صورتحال ۽ احتجاج جي سڏ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي کيس پوليس جي حڪمت عملي ۽ پلان آف ايڪشن بابت ٻڌايو ويو. آءِ جي سنڌ چيو ته پوليس ٿاڻن جي تزئين،آرائش ۽ مرمت جو ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪري انهن کي مڪمل فعال بڻايو وڃي.هو پاڻ انهن پوليس اسٽيشنن جو دورو ڪندو. آءِ جي سنڌ هدايتون ڏنيون ته سڄي شهر ۾ گشت، اسنيپ چيڪنگ،پڪٽنگ، ريڪنگ ۽ مانيٽرنگ جهڙن قدمن کي وڌيڪ سخت ۽ غير معمولي بڻايو وڃي،  ايڊوانس انٽيليجنس ڪليڪيشن ۽ فالو اپ ۽ هر اطلاع جي فوري جوابي نظام کي يقيني بڻايو وڃي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.