لاهور(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ رانا امتياز جيڪو 9 مئي واقعي جي ڪيسن ۾ پوليس کي گھربل ھو ۽ ڪيتري ئي وقت کان روپوش ھو، منظرعام تي اچي ويو آھي. جيڪو پنجاب اسيمبلي ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ حلف کڻڻ لاءِ پھچي ويو. رانا امتياز صحافين سان ڳالھائيندي چيو آھي ته آئون کلي عام گاڏي تي چڙھي اسيمبلي ۾ پھتو آھيان نه ته مون کي ڪنھن رستي ۾ روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ نه ئي اسيمبلي جي گيٽ تي مقرر پوليس اھلڪارن به سڃاتو. رانا امتياز وڌيڪ اھو به چيو ته حلف کڻڻ کان پوءِ آئون ايم پي اي بڻجي ويندس ۽ منھنجي حفاظت ڪرڻ جي ذميداري اسپيڪر تي اچي ويندي.