لاهور( م ڊ) حڪومت ٺهڻ کان اڳ ئي متحده مطالبا رکي ڇڏيا آهن، ايم ڪيو ايم پاڪستان شهباز شريف کان سيٽن موجب حصو گهري ورتوآهي ، ايم ڪيو ايم وفد گذريل ڏينهن ماڊل ٽائون لاهور ۾ شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، ايم ڪيو ايم جي وفد ۾ سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري ، مصطفيٰ ڪمال ۽ ڊاڪٽر فاروق ستار شامل هنا، جڏهن ته شهباز شريف سان گڏ سينيٽر اسحاق ڊار، راڻا ثناالله ، سردار اياز صادق، خواجا سعد رفيق، اعظم نذير تارڙ ، راڻا مشهود ۽ عطا تارڙ گڏ هئا. ذريعن موجب ملاقات دوران شهباز شريف ۽ ايم ڪيو ايم وفد ۾ ڪو به فيصلو نه ٿي سگهيو ، ايم ڪيو ايم جي ذريعن موجب شهباز شريف کي چيو ويو ته ٻين پارٽين جيان هنن به پاور شيئرنگ فارمولو طئي ڪيو وڃي، اسان وٽ 17 ايم اين ايز آهن ان مطابق حڪومت ۾ حصو ملڻ گهرجي. ذريعن چيو آهي ته ن ليگ وفد اڄ ڳالهائين لاءِ 9 وڳي ايم ڪيو ايم وفد سان ملاقات ڪندي.