اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان فلسطيني علائقن مان اسرائيلي فوج جي نيڪالي جو مطالبو ڪري ڇڏيو ، انصاف واري عالمي عدالت ۾ جمعي ڏهاڙي فلسطيني علائقن غزا، اولهندي ڪناري ۽ اوڀر بيت المقدس تي اسرائيل جي 57 ورهين کان جاري غيرقانوني قبضي خلاف ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ پاڪستان طرفان دليل پيش ڪيا ويا، انصاف واري عالمي عدالت ۾ نگران قانون ۽ انصاف واري وزير احمد عرفان اسلم پاڪستان جو موقف پيش ڪندي چيو ته هي عدالت فلسطنين جو حقِ خوداراديت تسليم ڪري چڪي آهي، پاڪستان سمجهي ٿو ته ٻه رياستي حل سان ئي هي تڪرار ختم ٿي سگهي ٿو فلسطيني ۽ اسرائيلي رياستن جي موجودگي ٻنهي اڪائين ۽ خطي جي امن جي ضمانت آهي. عالمي عدالت ۾ پاڪستان جو موقف پيش ڪندي هن چيو ته قبضو هڪ غيرقانوني عمل آهي جنهن جا قانوني نتيجا اسرائيل کي ڀوڳڻا پوندا،عرفان اسلم جو چوڻ هو ته بيت المقدس ٽنهي وڏن مذهبن لاءِ مقدس شهر آهي، اولهندي ڪناري، غزا، اوڀر بي المقدس تي اسرائيلي قبضو غيرقانوني آهي، اسرائيل فلسطين مان فوري طور پنهنجي فوج ڪڍي، اميد آهي ته عدالت ان قبضي خلاف فيصلو ٻڌائيندي.
-
اسرائيل غزا ۾ نسل ڪشي جو خوفناڪ مثال قائم ڪيو آهي: پريانڪا گانڌي
نئين دهلي (م ڊ) ڪانگريس اڳواڻ پريانڪا گانڌي اسرائيل جو نالو کڻڻ بنا غزا پٽي ۾ اسرائيلي ڪارروائي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته ان نسل ڪشي جو خوفناڪ مثال قائم ڪيو آهي ۽ ان کي انساني تاريخ ۾ هڪ شرمناڪ واقعي طور ياد رکيو ويندو، پرڏيهي ميڊيا موجب ڪانگريس جنرل سيڪريٽري هڪ سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ غزا جي اسپتالن تي بمباري جي واقعن ۽ غزا ۾ ڊاڪٽرن خلاف تشدد جي واقعن جو حوالو ڏنو. ڪانگريس اڳواڻ پريانڪا گانڌي طرفان اسرائيل ۾ ”جابر حڪومت“ کي فنڊنگ ۽ هٿيار فراهم ڪرڻ تي به ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي ڪانگريس اڳواڻ جنگ جو ذڪر ڪندي چيو ته عالمي برادري غزا ۾ جنهن شئي جي اجازت ڏني آهي، اها سڄي انسانيت لاءِ وڏي شرم جي ڳالهه آهي. هن چيو ته انسانيت جو رت وهايو ويو آهي ۽ اسان مان هر هڪ کي هڪ ڏينهن ان جي قيمت چڪائڻي پوندي، انصاف جي سڀني اصولن، انسانيت ۽ عالمي روايتن کي ٽوڙيو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته سڄي قوم مدد لاءِ دانهون ڪري رهي آهي ۽ ڪير به مدد لاءِ قدم نه پيو کڻي، غزا پٽي ۾ نسل ڪشي تي دنيا اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن. پريانڪا گانڌي چيو ته ٻارن جي بي رحماڻي قتل تي منهن موڙيو ويو آهي، مريضن کي مرڻ لاءِ ڇڏيو ويو آهي، اسپتالن تي بمباري ڪئي وئي، ڊاڪٽرن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو.