ڪراچي(رپورٽر) متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبو صديقي چيو آهي ته اسان پ پ يا مسلم ليگ ن نه پر جمهوريت سان گڏ آهيون، خانگي چئنل جي هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ 15 سال حڪمراني ڪندڙن لاڙڪاڻي کي به موهن جو دڙو بڻائي ڇڏيو آهي، هاڻ 20 سال مڪمل ٿيڻ بعد صوبي جي ڪهڙي حالت هوندي، ان وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ لاءِ وزارتون وٺڻ بابت اڃان تائين معاملا حل ناهن ٿيا، هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي مان پيپلز پارٽي جون 3 سيٽن مان وڌي 7 سيٽون ٿيون ۽ اسان جون 19 سيٽن مان گهٽجي 17 ٿيون آهن.