بجيٽ آءِ ايم ايف شرطن تحت ٺهندي، ٽئڪس 15 سيڪڙو وڌائڻ جو امڪان

اسلام آباد (م ڊ) ناڻي واري وزارت انٽرنيشنل  مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) سان قرض جي نئين پروگرام لاءِ اهم هدف مقرر ڪري ڇڏيا آهن. ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف سان نئون پروگرام 6 ارب ڊالرن جو هوندو ۽ ان جو مدو 3 سال هوندو. ذريعن موجب ايف بي آر 3 سالن ۾ جي ڊي پي تي ٽيڪس کي 15 سيڪڙو تائين وڌائڻ جو هدف ڏيندو، مرڪزي بئنڪ پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن کي 3 مهينن جي امپورٽ بل جي برابر رکڻ جو هدف ڏيندو جڏهن ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽائڻ ۽ پرائمري بيلنس سرپلس کي برقرار رکڻ جو هدف به مقرر ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ سبسڊي جو تعين به نئين قرض پروگرام جي شرطن مطابق ڪيو ويندو ۽ ايندڙ سال جي بجيٽ آءِ ايم ايف جي شرطن موجب ٺاهي ويندي، نگران حڪومت معاشي روڊ ميپ تيار ڪري ورتو آهي. نئين حڪومت ۽ قرض پروگرام لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، موجوده قرض پروگرام جي خاتمي سان آءِ ايم ايف سان قرض جو نئون معاهدو ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.