اسلام آباد( م ڊ) آءِ ايم ايف جي ڪميونيڪيشنز جي ڊائريڪٽر جولي ڪوزيڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ ميڪرو اڪنامڪ استحڪام کي يقيني بنائڻ لاءِ نئين حڪومت سان ڪم لاءِ تيار آهي، جولي ڪوزيڪ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي موجودهه سياسي اڳڀرائي بابت ڪو به تبصرو نه ڪنداسين، سندس چوڻ هو ته 11 جنوري تي آءِ ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ اسٽينڊ باءِ ارينجمنٽ جي پهرين ريويو جي منظوري ڏني آهي،اسٽينڊ باءِ ارينجمنٽ تحت پاڪستان کي هڪ ارب 90 ڪروڙ ڊالر ملندا، هن چيو ته قرض پروگرام مضبوط فوڪس ڪمزور طبقي جو تحفظ آهي. هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان پاران آءِ ايم ايف کي خط لکڻ تي به واضح جواب ڏنو آهي جنهن ۾ مبينا چونڊ ڌانڌلي کي جواز بڻائي امدادي ڌانڌلي جي جاچ کي عدليه کان مشروط قرار ڏنو ويو آهي. ان حوالي سان هن چيو ته هو هلندڙ سياسي معاملن تي تبصرو نه ڪندي، هوءَ ان ڳالهه ۾ وڌيڪ اضافو ڪرڻ نٿي چاهي.