پ پ ۽ ن ليگ پاران آءِ ايم ايف کي خط لکڻ جي مذمت

اسلام آباد( مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ ن اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ پ پ  اڳواڻ ۽ سينيٽر شيري رحمان پاران آءِ ايم ايف کي خط لکڻ جي مذمت ڪئي وئي آهي، اسحاق ڊار چيو آهي ته انشاءَ الله پي ٽي آءِ باني عمران خان جي خط جي ڪا به حيثيت نه هوندي، ذاتي فائدي لاءِ خط لکڻ افسوسناڪ عمل آهي، ٻئي پاسي پ پ اڳواڻ شيري رحمان به آءِ ايم ايف کي خط لکڻ مذمت جوڳو عمل قرار ڏئي ڇڏيو.هن چيو ته پنهنجي حڪومتي دور ۾ رڪارڊ قرض وٺندڙ کي هاڻ ياد آيو آهي ته قرض واپس ڪير ڪندو، هن چيو ته آءِ ايم ايف کي ملڪي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ ملڪ دشمني آهي، شيري رحمان چيو ته پي ٽي آءِ قيادت اڃان تائين پنهنجي غلطين مان سبق ناهي سکي.

  1. عمران خان آءِ ايم ايف کي خط لکڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

اسلام آباد( مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي بابت آءِ ايم ايف کي خط لکي ڇڏيو آهي، اڊيالا جيل ۾ پيشيءَ دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ باني عمران خان جو چوڻ هو ته آءِ ايم ايف کي خط لکي ڇڏيو آهي ته اهڙين حالتن ۾ پاڪستان کي قرض ڏنو ويو ته واپس ڪير ڪندو؟ هن چيو ته سڀ کان پهريان ملڪ ۾ سياسي استحڪام آندو وڃي،  عام چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.