آءِ ايم ايف قرض ڏيندڙ آھي، ان جو حڪومت سان واسطو ناهي : نصرت جاويد

اسلام آباد( م ڊ)  عالمي مالياتي ادارو قرض ڏيندڙ آھي، ان جو ان سان ڪو مطلب نھ آھي تھ ڪنھن ملڪ ۾ آمريت آھي يا جمھوريت آھي.ھن کي رڳو پنھنجي وياج سميت قرض واپس گھرجي ٿو.جن ملڪن کي آءِ ايم ايف قرض ڏئي ٿو اتي ان ڪڏھن چونڊ تڪرار جي آڊٽ نھ ڪرائي آھي.ان ڪري پاڪستان تحريڪ پاران اھڙي قسم جو خط نھ لکڻ گھرجي.سينئر صحافي نصرت جاويد پنھنجي وي لاگ ۾ چيو آھي تھ اھو درست آھي تھ عمران خان وڏو ليڊر ٿي ڪري اڀريو آھي.جنھن ۾ ھن جو حقيقي آزادي وارو نعرو بھ اھم ھو.ھاڻي وري ھو عالمي اداري ۽ يورپي يونين کي خط لکڻ جو ارادو ڪري غلط ڪري رھيو آھي.نصرت جاويد جو چوڻ ھو تھ ڇا پي ٽي  آءِ، ٿيل ڌانڌلين خلاف ملڪ جي سمورن متعلق فورمن سان رجوع ڪيو آھي،جو ھاڻي عالمي اداري کي خط لکڻ چاھي ٿو.ھن جو چوڻ ھو تھ پي ٽي آءِ دور ۾ قاسم سوري ڪئين سالن تائين اسٽي تي ھوندي ايوان جو حصو رھيو ھو، ان ڪري ھن وقت پاڪستان تحريڪ انصاف کي بھ ملڪ جي ادارن وٽ وڃڻ گھرجي. نصرت جاويد موجب ملڪ جي ڏيوالي ٿيڻ جي خطري سبب حڪومت سازي ٿي رھي آھي.جيڪا عالمي اداري سان مذاڪرات شروع ڪندي، ان دوران اھڙي قسم جي ڪيفيت پئدا ڪرڻ منفي عمل آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.