پاڪستان جو 15 سالن بعد ايران گئس پائيپ لائين منصوبي بابت اهم فيصلو

اسلام آباد( م ڊ ) پاڪستان جو  15 سالن کانپوءِ ايران گئس پائيپ لائين منصوبي بابت اهم فيصلو ڪري ورتو آهي، ذريعن موجب ڪابينا جي توانائي ڪميٽي  ايراني سرحد کان گوادر تائين 81 ڪلوميٽر پائيپ لائين وڇائڻ جي منظوري ڏني، ذريعن جو چوڻ آهي ته ايراني سرحد کان گوادر تائين پائيپ لائين جي تعمير تي 45 ارب رپيا لاڳت ايندي، ذريعن جو چوڻ آهي ته پائيپ لائين وڇائڻ سان پاڪستان کي 18 ارب ڊالرن جو ڏنڊ ادا ڪرڻ کان بچي ويندو ۽ ايران مان 750 ملين ڪيوبڪ فوٽ گئس ايل اين جي جي ڀيٽ ۾ تمام سستي قيمت تي ملندي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ايران کان گئس خريد ڪرڻ سان پاڪستان کي ساليانو 5 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي بچت ٿيندي، ذريعن موجب ايران 18 ارب ڊالرن جي ڏنڊ جو نوٽيس واپس وٺندو، پاڪستان به آمريڪا کان آءِ پي پروجيڪٽ تي پابندين کان استثنيٰ جو مطالبو ڪندو، ذريعن جو چوڻ آهي ته ايران ترڪي، عراق ۽ آذربائيجان سان گئس جي خريد و فروخت ڪري رهيو آهي، جنهن تي پابندي لاڳو ناهي، ٻئي طرف جاري ڪيل پڌرائي موجب نگران توانائي واري وزير محمد علي جي صدارت هيٺ ڪابينا جي توانائي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ايران مان گيس درآمد ڪرڻ لاءِ ايران سرحد تائين 80 ڪلوميٽر پائيپ لائين وڇائڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان اندر 80 ڪلوميٽر گئس پائيپ لائين وڇائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويندو، گوادر کان ايران بارڊر تائين پائيپ لائين ٺاهي ويندي، ڪابينا ڪميٽي سيپٽمبر 2023ع ۾ قائم ڪيل وزارتي ڪميٽي جي سفارشن جي منظوري ڏئي ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.