لاهور(م ڊ) سني اتحاد ڪائونسل پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ اميدوارن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اسپيڪر لاءِ احمد خان بڇر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ معين رياض قريشي اميدوار آهن . پنجاب اسيمبلي جي اجلاس کانپوءِ عامر ڊوگر چيو ته احمد خان بڇر اسپيڪر ۽ معين رياض قريشي ڊپٽي اسپيڪر لاءِ اميدوار هوندو. هن اها به دعويٰ ڪئي ته سندس وڏي وزير جي اميدوار ميان اسلم اقبال کي گرفتار ڪيو ويو آهي.