ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ نوشهروفيروز واسي ڇهين ڪلاس جي شاگردياڻي کي زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته ڪورنگي بلال ڪالوني جي سيڪٽر 8 ۾ 13 سالن جي ثنا ٻرڙو کي زيادتي بعد گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو، ايف آءِ آر جي متن ۾ مقتولا نينگري جي والد چيو ته منهنجي نياڻي گهر ۾ پنهنجن ڀائرن سان گڏ هئي منهنجي گهر واري سبزي وٺي آئي جيئن ئي واپس آئي ته هن ڌيءَ جو لاش ڏٺو اسان جي ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي، ايس ايس پي ڪورنگي حسن سردار نيازي موجب شروع ۾ واقعي کي آپگهات قرار ڏنو ويو هو، پر ڇت گهڻي مٿي هئڻ سبب شڪ پيو، پوسٽ مارٽم ڪرائڻ مان ٻارڙيءَ سان زيادتي جي تصديق ٿي، پوليس موجب واقعي ۾ گهر جو ڪو ماڻهو ملوث هئڻ جو خدشو آهي، متاثر خاندان 6 مهينا اڳ نوشهرو فيروز مان ڪراچي آيو هو، وارث مقتول ٻارڙيءَ جو مڙهه نوشهروفيروز کڻائي ويا.