پنجاب اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جـِي چونڊ اڄ ٿيندي

لاهور ( مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جـِي چونڊ اڄ ٿيندي، پنجاب اسيمبلي جو اجلاس  گذريل ڏينهن 10 وڳي طلب ڪيو ويو هو جيڪو ٻه ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو، پنجاب اسيمبلي اجلاس اسپيڪر سبطين خان جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پنجاب جي نامزد وزيراعليٰ مريم نواز، مريم اورنگزيب ۽ ٻين ميمبرن کي اسپيڪر سبطين خان حلف کڻايو،  سيڪريٽري اسيمبلي موجب اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ڳجهي راءِ شماري ذريعي ٿيندي، پنجاب اسيمبلي کان پارلياماني سياست جي شروعات ڪندڙ مريم نواز صوبي جي ترقي لاءِ پر عزم آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.