پشاور ( م ڊ ) خيبرپختونخوا جي گورنر شپ لاءِ پ پ طرفان چار نالا سامهون اچي ويا.ذريعن موجب، مرڪزي اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي، شجاع خان گورنر شپ جي ڊوڙ ۾ شامل آهن، ياور نصير ۽ امجد آفريدي به گورنر شپ جا اميدوار هوندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته فيصل ڪريم ڪنڊي گورنر لاءِ مضبوط اميدوار آهي. ان کان اڳ پنجاب ۾ گورنر جي عهدي لاءِ امڪاني نالا سامهون آيا هئا. ذريعن موجب، پنجاب جي گورنر لاءِ مخدوم احمد محمود، قمر زمان ڪائرا ۽ نديم افضل چن جا نالا غور هيٺ آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته مخدوم احمد محمود پارٽي قيادت جي پهرين ترجيح هوندو ۽ هو ن ليگ لاءِ به قابل قبول هوندو.
-
قاديانين بابت فيصلو: اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو اجلاس طلب
اسلام آباد (م ڊ) قاديانين جي قرآن جي ترجمي جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو اهم اجلاس 5 مارچ تي طلب ڪري ورتو، پنهنجي بيان ۾ علامه طاهر محمود اشرفي چيو ته اسلامي نظرياري ڪائونسل سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو اسلامي تعليمات ۽ آئين ۽ قانون جي روشني ۾ جائزو وٺندي، علامه طاهر محمود اشرفي چيو ته سپريم ڪورٽ قاديانين بابت فيصلي جا ٻه پاسا وڪيلن کان سامهون اچي رهيا آهن ۽ وڪيلن جي ڪنهن گڏيل نقطي تي پهچڻ کان اڳ ڪائي راءِ نٿا ڏيڻ چاهيون واضح ڪريان ٿو ته فيصلو اهو ئي مڃيو ويندو، جيڪو قرآن ۽ سنت مطابق هوندو،
-
ٽڊاپ اسڪينڊل جي ٻڌڻي، يوسف رضا گيلاني پيش نه ٿيو
ڪراچي (رپورٽر)وفاقي اينٽي ڪرپشن عدالت ۾ ٽڊاپ اسڪينڊل ۾ 26 ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي،اڳوڻو وزيراغطم يوسف رضاگيلاني پيش نه ٿيو،عدالت ۾ سندس وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست جمع ڪرائي، عدالت درخواست منظورڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 6مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي،جوابدارن تي فريٽ سبسڊي مد ۾ قومي ناڻي کي نقصان پهچائڻ جو الزام آهي
-
پي ٽي آءِ جو 15 ڏينهن ۾ انٽرا پارٽي اليڪشن ڪرائڻ جو فيصلو
اسلام آباد(م ڊ)پاڪستان تحريڪ انصاف 15 ڏينهن ۾ انٽرا پارٽي اليڪشن ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب پي ٽي آءِ انٽراپارٽي اليڪشن ڪرائڻ جون تياريون شروع ڪري ڏنيون آهن ۽ ان ڏس ۾ شيڊول تيار ڪيو ويو آهي، انٽرا پارٽي اليڪشن 15 ڏينهن ۾ ڪرائي ويندي، عمران خان جي پينل مان بئريسٽر گوهر کي چيئرمين نامزد ڪيو ويو آهي، انٽرا پارٽي اليڪشن ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر رئوف حسن هوندو، اليڪشن وفاق ۽ چئني صوبن ۾ هڪ ئي وقت ٿيندي.
اسلام آباد(م ڊ)پاڪستان تحريڪ انصاف 15 ڏينهن ۾ انٽرا پارٽي اليڪشن ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب پي ٽي آءِ انٽراپارٽي اليڪشن ڪرائڻ جون تياريون شروع ڪري ڏنيون آهن ۽ ان ڏس ۾ شيڊول تيار ڪيو ويو آهي، انٽرا پارٽي اليڪشن 15 ڏينهن ۾ ڪرائي ويندي، عمران خان جي پينل مان بئريسٽر گوهر کي چيئرمين نامزد ڪيو ويو آهي، انٽرا پارٽي اليڪشن ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر رئوف حسن هوندو، اليڪشن وفاق ۽ چئني صوبن ۾ هڪ ئي وقت ٿيندي.
-
القادر ٽرسٽ ڪيس: عمران خان جي ضمانت درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر
اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ باني جي القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ درخواست ضمانت ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي، ان حوالي سان جسٽس ارباب محمد طاهر ۽ جسٽس ثمن رفعت امتياز تي ٻڌل بينچ جوڙي وئي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ 26 فيبروري تي ٻڌڻي ڪندي، احتساب واري عدالت پي ٽي آءِ باني جي درخواست ضمانت رد ڪري ڇڏي هئي، پي ٽي آءِ باني جوڊيشل رمانڊ تي جيل ۾ آهي.