سنڌ جي گورنرشپ ن ليگ کي ڏئي رهيا آهيون:ناصر شاهه

ڪراچي(رپورٽر)پ پ اڳواڻ ناصر حسين شاهه چيو آهي ته منهنجي راءِ آهي ته پاڪستان ۾ ايم ڪيو ايم کي به گڏ کڻي هلڻ گهرجي، خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي سيد ناصر حسين شاهه چيو ته حڪومت ٺهڻ جي  اعلان سان بحران گهٽ ٿيو آهي. قومي حڪومت  هجي  يا نه هجي، قومي مفاهمت ضروري هجڻ گهرجي، منهنجي راءِ آهي ته پي ٽي  آءِ سان به رابطو رکڻ گهرجي، جڏهن ته  ايم ڪيو ايم پاڪستان کي سنڌ  ۾ گڏ کڻي هلڻ گهرجي، هن چيو ته ايم ڪيو ايم وٽ مينڊيٽ آهي  ان کي گڏ کڻي هلڻ  کان نٿو انڪار ڪرڻ گهرجي، ڇو ته بهتري لاءِ سڀني کي گڏ کڻي هلڻ گهرجي ، آصف علي زرداري مفاهمت جو بادشاهه آهي هو سڀني کي گڏ کڻي هلندو، قومي اسيمبلي جي پهرين اجلاس سان ئي کوڙ شيون واضح ٿي وينديون، ناصر شاهه چيو ته گورنر سنڌ اسان جو هجي پر آخر ۾ فيصلو اهو ٿيو ته گورنر سنڌ جو عهدو ن ليگ وٽ هوندو،  هاڻي هي عهدو ن ليگ پاڻ وٽ رکي ٿي يا پنهنجي اتحادي کي ڏئي ٿي. هي ان جو پنهنجو فيصلو هوندو، هن چيوته پيپلزپارٽي جي خواهش هئي ته قومي اسيمبلي اسپيڪر اسان  جو هجي، پر ن ليگ چيو ته حڪومت اسان جي آهي  ته هائوس به اسان کي هلائڻ ڏيو، جنهن کان پوءِ طئي ٿو ته  قومي اسيمبلي اسپيڪر ن ليگ ۽ ڊپٽي اسپيڪر پيپلز پارٽي جو هوندو، چيئرمين سينيٽ جو عهدو پ پ هوندو، جڏهن ته ڊپٽي چيئرمين سينيٽ بابت اڃان ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي، ناصر شاهه چيو ته سنڌ جي وڏي وزير لاءِ ڪجهه تڪن تان فريال ٽالپر لاءِ چيو ويو پر هن عهدي لاءِ مراد علي شاهه جو نالو سڀ کان مٿي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.