اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو سياسي مخالفن خلاف غير سياسي ورتاءُ جاري.خبر موجب مسلم ليگ (ن) جا اڳواڻن خواجا سعد رفيق ۽ حنيف عباسي اسلام آباد ۾ واقع ڪوهسار مارڪيٽ ۾ ھڪ ھوٽل ۾ ويٺل ھئا ته پي ٽي آءِ جي ڪارڪن عورتن کين ڏسي سخت نعريبازي ڪري بدمزگي پيدا ڪئي، جنھن تان سعد رفيق ۽ حنيف عباسي خاموشي سان اٿي وڃڻ لڳا ته اھي عورتون نعريبازي ڪندي سندن پيڇو ڪرڻ لڳيون. سياسي مخالفن خلاف پي ٽي آءِ ڪارڪنن جون غير مناسب حرڪتون ۽ غير سياسي عمل بدستور جاري آھن. ان کان اڳ ۾ نواز شريف، مريم اورنگزيب، احسن اقبال، مصطفي نواز کوکر، نور عالم ۽ فيصل ڪريم ڪنڊي سان اھڙا واقعا پيش اچي چڪا آھن.