حڪومت ڇهن مهينن کان وڌيڪ نه هلي سگهندي: فيصل واوڊا

اسلام آباد(م ڊ) نوجوان سياستدان ۽ اڳوڻي وفاقي وزير فيصل واوڊا چيو آهي ته لولي لنگڙي حڪومت ٺاهي پئي وڃي، مان نٿو سمجهان ته اها  حڪومت 6 مهينا وڌيڪ هلي سگهندي. پي ٽي آءِ مرڪز ۽ پنجاب ۾ حڪومت نٿي ٺاهي سگهي،هڪ نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي فيصل واوڊا چيو ته پيپلز پارٽي وٽ هاڻي بلي بلي جو نعرو آهي، زرداري سمارٽ رانديگر آهي.هن چيو ته سمورا اهم عهدا پيپلز پارٽي وٽ آهن، صدارت ڪنهن وڏي شهرت واري کي ڏني ويندي. پيپلز پارٽي سنڌ ۽ بلوچستان جي وڏ وزارت کڻي ويندي، هن چيو ته ملاقاتن کانسواءِ ڪو به ڪم ناهي ٿيندو، پي ٽي آءِ جو يو آءِ سان اتحاد قيامت جي نشاني آهي.فيصل واوڊا چيو ته پي ٽي آءِ مولا جٽ واري سياست ڇڏي جمهوري طريقي سان حڪومت ٺاهي ۽ جمهوريت لاءِ پ پ ۽ ن ليگ سان اتحاد ڪري.اڳوڻي وفاقي وزير فيصل واوڊا چيو ته پي ٽي آءِ ۾ وڻ وڻ جي ڪاٺي شامل آهن. پي ٽي آءِ جو باني جيڪڏهن سياست ۾ رهڻ چاهي ٿو ته کيس ٻه قدم پوئتي هلڻو پوندو.سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون نه ملنديون، سسٽم کي سسٽم تحت کڻي هلڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.