”ڌانڌلي واريون چونڊون نامنظور“ سينيٽ ۾ احتجاج

اسلام آباد(م ڊ) سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ سينيٽ اجلاس جي شروعات ۾ تحريڪ انصاف جي سينيٽرن عام چونڊن  جي حوالي سان احتجاج شروع ڪري ڏنو ڊان نيوز موجب تحريڪ انصاف سان تعلق رکندڙ سينيٽرن سينيٽ چيئرمين جي ڊائيس آڏو گڏ ٿي نعريبازي ڪئي.سينيٽر علي ظفر چونڊن تي بحث جو مطالبو ڪندي چيو ته عوام جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو آهي.جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو آهي ته آئين جي ڀڃڪڙي ڪري چونڊون ڪرايون ويون، اهڙي اليڪشن پنهنجي زندگي ۾ نه ڏٺي.ان کان پوءِ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي سينيٽرن کي يقين ڏياريو ته اڱاري تي عام چونڊن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.