2024ع جون چونڊون 2018ع جو فيز ٽو هيون: سراج الحق

لاهور (پ ر)جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته 2024ع جون چونڊون 2018ع جو فيز ٽو هو، جيڪا حڪومت نه ٺاهي سگهندي،سياست تي مفاد پرست ۽ لالچي ماڻهن جو ڪنٽرول آهي،هن چيو ته جيڪڏهن سياست ٺيڪ نه آهي ته رياست به سٺي نٿي رهي سگهي،چونڊن ۾ قومي خزاني جا 50 ارب ضايع ڪيا ويا،نتيجن ۾ ڦير ڦار ۽ ڌانڌلي وڌيڪ انتشار جو سبب بڻجندي،قوم جا ايندڙ پنج سال به ضايع ٿي ويا، معاشي ۽ سياسي استحڪام جون اميدون ٽٽي ويون،هن چيو ته جماعت اسلامي جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو، سراج الحق دھاندلي تي خاموش نه رهندا.فراڊ کي بي نقاب ڪرڻ لاءِ آئيني ۽ جمهوري طريقا اختيار ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.